21 بدھ , نومبر 2018

پاڪ فوج طرفان هن ڀيري بچاءَ وارو ڏهاڙو منفرد انداز ۾ ملهائڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج هن ڀيري بچاءَ وارو ڏهاڙو منفرد انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب قوم هن سال 6 سيپٽمبر تي منفرد انداز ۾ پنهنجي شهيدن کي خراج پيش ڪندي. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته آءِ ايس پي آر، ميڊيا ۽ ٻين قومي ادارن سان گڏ هر پاڪستاني ان منفرد ملڪ گير مهم جو حصو بڻجندو. هن ڀيري ”اسان کي پيار آهي پاڪستان سان“ جي نالي تي بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، جنهن ۾ شهيدن ۽ سندن وارثن کي خراج پيش ڪيو ويندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب شهيد ۽ سندس پونئير قوم جا هيرا ۽ سرمايو آهن، زندهه قومون پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن ناهن وسارينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے