14 بدھ , نومبر 2018

عمران اسماعيل 27 آگسٽ تي سنڌ جي گورنر طور حلف کڻندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران اسماعيل جي سنڌ جي گورنر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي. عمران اسماعيل سنڌ جو 33هون گورنر هوندو، جنهن جي حلف برداري تقريب 27 آگسٽ تي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ تحريڪ انصاف اڳواڻ کان حلف وٺندو، جڏهن ته سندس گورنر طور مقرريءَ جو باقاعدي طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته مان سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مالڪ سائين جو شڪر ادا ڪيان ٿو، پنهنجي والدين ۽ گهر ڀاتين جو به ٿورائتو آهيان، جن جي ڪري مان هتي پهتس. هن چيو ته مان عمران خان سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف ڪارڪنن جو به ٿورائتو آهيان، گورنر طور حلف کڻي مسئلن جي حل لاءِ وفاق ۽ صوبي ۾ پُل جو ڪردار نڀائيندس. عمران اسماعيل چيو ته سنڌ جو عوام مون کي پاڻ سان گڏ ڏسندو، سنڌ جي ترقي منهنجي پهرين ترجيح هوندي. سندس چوڻ هو ته سمورين پارٽين کي گڏ کڻي هلندس ۽ وفاق کان سنڌ لاءِ خاص فنڊ وٺندس، ڪراچي پيڪيج سان شهرين جا مسئلا به حل ڪندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ” نئون پاڪستان ڪالنگ ويب پورٽل“ جو افتتاح

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزير زلفي بخاري سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے