18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: مٺي:چندر شرما کي غيرت ۾ اچي قتل ڪيو : سيتارام ڪولهي

Mithi: I killed chandar sharma for honor: Seetaram Kohli*مٺي ۾ ڍورو ناور واسي نوجوان ميڊيا اڳيان هفتو اڳ پ پ اڳواڻ  چندر شرما کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

نوجوان سيتارام ڪولهي ٻڌايو ته سندس زال رينا ڪماري جا چندر شرما سان ناجائز تعلقات هئا جنهن ڪري هن غيرت ۾ اچي کيس قتل ڪيو.

هن ٻڌايو سندس سس اميدي ۽ زال کي به هو قتل ڪرڻ چاهي پيو پر ان کان اڳ گرفتار ٿي ويو جنهن تي کس پڇتاءُ آهي .

سيتارام ٻڌايو ته چندر شرما روڪڻ باوجود زبردستي سندس گهر ايندو هو ۽ روڪڻ تي گرفتار ڪرائي جيل موڪلڻ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو

ٻئي طرف جاچ آفيسر قربان راڄڙ سيتارام ڪولهي  کي جوڊيشنل مئجسريٽ ڇاڇرو جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس  ٽن  ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے