13 منگل , نومبر 2018

ڪلديب نيئر جي ديهانت پاڪ-ڀارت امن ڪوششن لاءِ نقصان قرار، پونيئرن سان تعزيت

دهلي (م ڊ) ڀارت جو ناليوارو صحافي ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڪلديب نيئر ديهانت ڪري ويو. هن جي عمر 95 سال هئي. هن جون آخري رسمون خميس ڏينهن دهلي ۾ ادا ڪيون ويون. هو پريس جي آزادي، انساني حقن جي تحفظ ۽ پاڪ-ڀارت دوستي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. ڪلديب نئير پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو. لاهور مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت منتقل ٿي ويو. هو 1990ع  دوران برطانيا ۾ ڀارت جو هاءِ ڪمشنر رهيو، 1975ع ۾ پريس تي پابندين خلاف جدوجهد تي جيل به وڃڻو پيو. هوڏانهن ڪلديپ نيئر جي ديهانت تي انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هيومن رائٽس ڪميٽين جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهدي حسن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن پيغام ۾موت وڏو نقصان قرار ڏنو . ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران هندستان جي نامياري صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ امن جي علمبردار جناب ڪلديپ نيئر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سي پي اين اِي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل هڪ تعزيتي اعلان نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪلديپ نيئر جي لاڏاڻي واري خبر سان پاڪستان جي صحافتي حلقن کي شديد رنج ۽ ڏک ٿيو آهي. ڪلديپ نيئر هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ۽ انسانيت جو عملبردار هو ۽ امن جو سفير سمجهيو ويندو هو. هُن انساني حقن، ميڊيا جي آزادي ۽ صحافت لاءِ تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هُو پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ پرامن تعلقات قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکندو هو ۽ هميشه پاڪستان ۽ هندستان جي بهتريءَ لاءِ اڳ کان اڳرو رهندو هو ان مقصد لاءِ هُن پاڪستان جا ڪيئي دورا پڻ ڪيا. هوڏانهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ناليواري ڀارتي صحافي ڪلديپ نيئر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪلديپ نيئر جي گهرڀاتين جي نالي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڪلديپ جي امن دوست طور صحافتي خدمتن کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو.3306

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت 2 معصوم ڀائر مٽي ماءُ حوالي، رشتيدارن جا بيان قلمبند

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي زم زمه ۾ هڪ هوٽل مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے