16 جمعہ , نومبر 2018

نوازشريف جي ٿيندڙ احتساب مان انتقام جي بوءِ اچي ٿي: مراد علي شاهه

لاڙڪاڻو/ڀان سيدآباد(ڊ ر+ن ع آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، قائم مقام گورنر سنڌ آغا سراج دراني، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏجي عيد نماز ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ادا ڪئي. عيد نماز بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته احتساب برابريءَ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، نواز شريف خلاف ٿيندڙ احتساب مان انتقام جي بوءِ اچي ٿي، احتساب اڻڌريو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن نواز شريف خلاف انتقامي ڪارروائي وارو رويو رکيو ويو ته اسان ان عمل خلاف سنڌ اسميبليءَ ۾ آواز اٿارينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي وڌيڪ ضابطو آڻڻ لاءِ حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪراچي ۾ لوڪل گورنمينٽ کي فنڊز ڏئي رهيا آهيون ۽ انهن کي گهرجي ته هو صفائي سٿرائي کي وڌيڪ بهتر بڻائين. ان کان بعد وڏي وزير ۽ ٻين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي. وڏي وزير ۽ ٻين پاران عيدالاضحيٰ جي نماز ادا ڪرڻ وقت پارٽي ڪارڪن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتا جتي ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن کين ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عيد نماز ادا ڪرڻ کان روڪيندي مُک گيٽ بند ڪري ڇڏيو. اهڙي عمل خلاف ڪارڪنن پاران وڏي وزير آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو پر وڏي وزير سندن جي احتجاج کي نظرانداز ڪري مزار جي احاطي مان روانو ٿي ويو. جنهن تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو شبير احمد سيٺار، پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر عبدالفتاح ڀٽو ۽ ٻين ڪاوڙيل ڪارڪنن سان ڳالهيون ڪندي کين پرچائي ورتو.  سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه عيد واري ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عيدنماز پڙهڻ کانپوءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ واهڙ پهچي تڪ جي عوام سان عيد مليو، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي عوام 2018ع جي اليڪشن ۾ پ پ کي ڀرپور موٽ ڏني، جنهن جي بدولت سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت قائم آهي، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف زرداري مون کي سنڌ جو وڏووزير بڻائي جيڪا ذميواري ڏني آهي، اها پوري ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے