15 جمعرات , نومبر 2018

ادارن جي ملازمن  صفائي سٿرائي لاءِ ڪم ڪيو: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) : مڪاني ادارن  واري صوبائي وزير سعيد غني جي ھدايتن تي عيد جي پھرين ڏينھن کان ٽئين ڏيھن تائين صفائي سٿرائي واري مهم ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ جاري رهي، صوبائي وزير پاڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مختلف علائقن جا دورا ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ صفائي جون هدايتون ڏنيون، ان حوالي سان ڪراچي ۾ ڪچري اڇلائڻ وري ڊمپنگ پوائنٽ سميت صدر، ڪلفٽن، لياري، اورنگي، ڪورنگي، ملير ، گلشن اقبال، سهراب ڳوٺ سميت پوري شهر ۾ ڪراچي ميٽرو پولٽن، ڊي ايم سيز  جي عملي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي گند سميت شهر جي ڪچري کي کڻڻ لاءِ خاص انتطام ڪيا ويا، صوبائي وزير سعيد غني ڊمپنگ پوائنٽ سميت مختلف علائقن ۾ وڃي پاڻ صفائي جو جائزو ورتو، صوبائي وزير سعيد غني اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ دوري دوران پيل ڪچري جون پاڻ تصويرون ڪڍي عملي کي موڪليون ۽ ڪچري کڻڻ جون هدايتون ڏنيون، صوبائي وزير ان دوران عوام سان به ملندو رهيو ۽ سندن مسئلا معلوم ڪندو رهيو، هن ڪجهه ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے