19 پیر , نومبر 2018

ريلوي ۾ ڪرپٽ آفيسرن جي ڪابه گنجائش ناهي: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اداري ۾ ڪرپٽ آفيسرن جي ڪابه گنجائش ناهي. ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري ريلوي وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني. سيڪريٽري ريلوي آگاهه ڪيو ته ريلوي کي 37 ارب رپين جي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي. شيخ رشيد چيو ته بچت واري پاليسي تي عملدرآمد ڪرڻو آهي، مون سميت ڪو به آفيسر وي آءِ پي پروٽوڪول نه وٺندو. هن چيو ته پاڪستان جو عوام ئي اسان لاءِ وي آءِ پي آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي کي نيب سٽيل کاتو چيو وڃي ته غلط نه هوندو. شيخ رشيد چيو ته 37 ارب رپيه خساري واري کاتي کي ٺيڪ ڪرڻ جي ذميواري ملي آهي، ريلوي جا غير ضروري خرچ گهٽائڻ ۽ آمدني وڌائڻ هدف آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي : لائٽ هائوس ۾ قائم حددخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جاري حددخلين خلاف آپريشن دوران اڄ آرام باغ کانپوءِ لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے