15 جمعرات , نومبر 2018

چيف جسٽس طرفان فوري طور سروسز اسپتال جون لفٽس فعال ڪرڻ جو حڪم

Malir: The event was inaugurated with the third day of Sahaba Sultan Shah Sakhiلاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار فوري طور سروسز اسپتال جي لفٽس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪمپني جي سي اي او کي 29 آگسٽ تي رپورٽ سميت چيمبر ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊاڪٽر محمود اياز عدالت کي آگاهه ڪيو ته سروسز اسپتال جون سموريون لفٽس خراب آهن، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪمپني جو سي اي او ڪٿي آهي، ڪمپني جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سي اي او حج تي ويل آهي، 27 آگسٽ تي واپس ايندو، ڪمپني سموريون لفٽون فعال ڪري انتظاميه حوالي ڪيون آهن.  چيف جسٽس چيو ته معاملو نيب حوالي ڪريون ٿا، سي اي او جيئن ئي واپس اچي ڪپڙا تبديل ڪري لفٽس ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پهچي. عدالت لفٽس کي فوري طور فعال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪمپني جي سي اي او کي 29 آگسٽ تي رپورٽ سميت چيمبر ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۾ دونهون ڪڍندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے