15 جمعرات , نومبر 2018

فيلگ شپ موبائل فون جهڙن فيچرن سان ڀرپور” سستو“ سمارٽ فون

flagship mobile"smart" smartphone with fiberglass mobile phonesڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڇا توهان گليڪسي نوٽ 9 يا هيواوي پي 20 پرو جيترو طاقتور فون ۽ ڊيوائسز جي ڀيٽ ۾ 50 سڪيڙو کان به گهٽ اگهه ۾ خريد ڪرڻ پسند ڪندئو؟  جيڪڏهن ها ته پوءِ چيني ڪمپني شيائومي پنهنجي نئين سب برانڊ پوڪو فون جو پهريون فون ايف 1 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ انتهائي گهٽ اگهه تي ان جا فيچر ڪنهن به فليگ شپ فون کان گهٽ ناهن. جي بلڪل هن ۾ فليگ شپ فون جهڙي طاقت ڏني وئي آهي ڇاڪاڻ جو هن ۾ ڪوالڪوم جو طاقتور ترين اسنيپ ڊراگون 845 پراسيسر ڏنو ويو آهي. پوڪو فون ايف 1 ۾ سڪس جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته ان جا ڪجهه مهانگا ويزن 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج سان گڏ آهي. هن فون ۾ 6.18 انچ جي بيزل ليس اسڪرين ڏني وي آهي، جنهن ۾ آءِ فون ايڪس جهڙو نوچ موجود آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ سنسربيڪ تي موجود آهي. 4000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري پڻ ان جو حصو آهي. منهن جي سڃاڻپ ڪرڻ واري ٽينڪالوجي پڻ ان جو حصو آهي، جڏهن ته بيڪ تي 12 ۽ 5 ميگا پڪسل جون 2 ڪيمرائون پڻ موجود آهن ۽ سيلفي جي شوقينن لاءِ 20 ميگا پڪسل ڪيمرا فرنٽ تي ڏني وئي آهي. ان کي في الحال ڀارت ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويو آهي پر اميد آهي ته جلد پاڪستان ۾ پڻ دستياب هوندو. هن جو سڪس جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو فون 21 هزار ڀارتي رپيا(36 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ ملي سگهندو جڏهن ته سڪس جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 24 هزار ڀارتي رپيا(41 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج   وارو ماڊل 29 هزار ڀارتي رپيا(50 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے