20 منگل , نومبر 2018

صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.  صدر ممنون حسين ايندڙ مهيني پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو آهي جنهن سبب نئين صدر جي چونڊ لاءِ 4 سيپٽمبر تي پولنگ ٿيندي. صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ رجسٽرار آفيس مان وصول ڪري سگهجن ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب نامزدگي ڪاغذ وصول ۽ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 آگسٽ آهي.  حيدرآباد جي رهواسي غيور محمد صدارتي چونڊ لاءِ رجسٽرار آفيس مان فارم حاصل ڪري ورتا آهن.  صدارتي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 4 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے