17 اتوار , فروری 2019

نيوز: ميرپور بٺورو: ڊاڪٽر تي تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ، احتجاج

Mirpurbathoro: Boycott by OPD worker for bad behavior of patient*ميرپور بٺوري جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر تي تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه خلاف ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري  احتجاج ڪيو ويو.

ٻه ڏينهن اڳ اسپتال ۾مبينا طور  ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿيل زاهد مهر جي وارثن پاران اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ   ۽ ڊاڪٽرن تي تشدد  ڪرڻ خلاف ڊاڪٽرن احتجاج ڪيو .

 ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اسحاق کٽي ،  ڊاڪٽر عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن چيو ته بجلي جي پول تي چڙھي زخمي ٿيندڙ نوجوان جو بهتر علاج ڪيو پر هو بچي نه سگهيو .

ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽرن  نوجوان جي علاج ۾ ڪابه لاپرواھي نه ڪئي آهي.

هنن ٻڌايو ته فوتي نوجوان جي وارث نشي ۾ ڌت ھئا ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي گارگند ڪري مٿن تشدد ڪيو ۽  اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي.

هنن چيو ته تشدد ۽ ڀڃ ڊاھ ۾ ملوث ماڻھن  کي گرفتار  ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: حيدرآباد: صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو گهيراءُ، احتجاج

حيدرآباد ۾ صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد جو گهيراءُ ڪري احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے