19 پیر , نومبر 2018

نيوز: سکر:گوليمار جي رھواسي لئي برادري جي ماڻھن جو پوليس خلاف احتجاج

Sukkur: Protest against police* سکر جي علائقي گوليمار جي رھواسي لئي برادري جي ماڻھن پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

لئي برادري جي ماڻهن  الهه ورايو، عطا محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته عيد جي ٽئين  ڏينھن تي  انور لئي ۽ عبدالستار لئي  کي پوليس جي  اھلڪارن  گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو  آھي.

هنن چيو ته هو مختلف ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر سندن نوجوانن جو ڪو پتو ئي نه پئجي سگهيو آهي .

هنن چيو ته کين خدشو آهي ته سندن نوجوانن کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويندو .

 هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته سندن نوجوانن کي ترت آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:لاکاروڊ: گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر

*لاکا روڊ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے