18 اتوار , نومبر 2018

چين  جي شهر هربن جي هوٽل ۾ باهه ، 18 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

In China's Hurban hotel, Baith, 18 dead, injured several othersبيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي اتر اوڀر واري شهر هربن ۾ قائم هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا فوت جڏهن ته 19 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب هربن ۾ سن آئي لينڊ ريزورٽ ايريا ۾ قائم هوٽل ۾ باهه لڳڻ بعد ريسڪيو ڪاروائيون جاري آهن. رپورٽ موجب هن وقت تائين باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. گذريل سال نومبر ۾ چين جي گادي واري شهر بيجنگ جي هڪ اپارٽمنٽ بلڊنگ ۾ لڳل باهه جي نتيجي ۾ پڻ 19 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. جنهن کانپوءِ بيجنگ جي ميونسپل گورنمنٽ فائر ڪوڊ اينڊ بلڊنگ سيفٽي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف 40 ڏينهن جي” خاص آپريشن“ جي شروعات ڪئي هئي. ان کان اڳ 2010 ۾ شنگهائي جي هڪ اپارٽمنٽ ٽاور ۾ باهه لڳڻ سبب 58 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے