15 جمعرات , نومبر 2018

ليڪمي فيشن ويڪ 2018:  جهانوي ڪپور جو پهريون ڀيرو ريمپ تي واڪ

lakme fashion week 2018: The first time of the Champions Trophy in the Ranepممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي ويجهڙائي ۾ ديهانت ڪري ويل اداڪارا سري ديوي جي نياڻي جهانوي ڪپور پهريون دفعو ليڪمي فيشن ويڪ 2018 ۾ ريمپ تي واڪ ڪئي ۽ تمام گهڻي داد حاصل ڪئي. ممبئي ۾ جاري 5 ڏينهن واري ليڪمي فيشن ويڪ ۾ مشهور ڀارتي ڊيزائنرن طرفان فيشن جا نوان نوان ۽ روايتي انداز پيش ڪيا ويا. ان موقعي ته جهانوي ڪپور پهريون ڀيرو ڊيزائينر نجيڪت باروي جي شو اسٽوپر طور تي ريمپ تي جوهري ڏيکاريا ۽ سندس ملينيئل مهاراني ڪلڪيشن جي مشهوري ڪئي. جهانوي ڪپور نيري ۽ گلابي رنگ جو روايتي لهنگو پهريو جنهن اسموڪي گليمر آءِ ميڪ اپ جي چونڊ ڪئي، جڏهن ته زيورن طور هن رڳو ننڍڙن ٽاپسن کي ترجيح ڏني. ريمپ تي واڪ بعد اداڪارا ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن ڊيزائنر کيس لهنگو ڏيکاريو ته مونکي تمام گهڻو پسند آيو پر ان وقت ذهن ۾ هو ته اهو پهري ريمپ تي واڪ ڪندي مان ڪٿي ڪري نه پوان ڇاڪاڻ تي اهو وزني لڳي رهيو هو پر جڏهن مان هڪ ڀيرو اهو پائي ڏٺو ته ڪافي هلڪو ۽ آرام ڏيندڙ لڳو. واضح رهي ته جهانوي ڪپور باليووڊ ۾ فلم”ڌڙڪ“ ذريعي قدم رکي چڪي آهي، جنهن ۾ هن شاهد ڪپور جي ڀاءُ ايشان ڪپور سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. ليڪمي فيشن ويڪ 2018 ۾ جهانوي ڪپور کانسواءِ شاهد ڪپور، ڪرشما ڪپور، سوها علي خان ۽ دشا پٽاني پڻ مختلف ڊيزائنرن جي شو اسٽوپر طور ريمپ تي واڪ ڪيو. شاهد ڪپور ۽ دشاپٽاني ڊيزائنر اميت اگروال جي ”ڪرسٽلس ڪليڪشن“ شاندار انداز ۾ پيش ڪيو. ڪرشما ڪپور ڊيزائنر ارپيتا مهتا جي شو اسٽوپر بڻي. سوها علي خان پڻ ليڪمي فيشن ويڪ 2018 جي ريمپ تي پنهنجا جوهر ڏيکاريا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے