16 جمعہ , نومبر 2018

احسان ماني ۽ اسد خان جي پي سي بي گورننگ بورڊ جي ميمبر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

Asaf Khan Mansoor and Asad Khan, a member of the PPB Governing Board, issued a notification of the appointmentاسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پيٽرن ان چيف وزيراعظم عمران خان پي سي بي گورننگ بورڊ جي ٻن ميمبرن جي نامزدگي ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان آءِ سي سي جي اڳوڻي سربراهه ۽ نامزد پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ اسد علي خان جي  پي سي بي گورننگ بورڊ جي ميمبرن طور نامزدگي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو نوٽيفڪيشن موجب احسان ماني ۽ اسد خان کي گورننگ بورڊ ۾ 3 سال لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ ڪونسل جو اجلاس 28 آگسٽ تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هاڻ نئين پي سي بي چيئرمين جي مقرر بعد ٿيندو. گورننگ ڪونسل جي اجلاس ۾ براڊ ڪاسٽنگ رائٽس ۽ ٽائيٽل اسپانسر شپ بابت فيصلا ٿيڻا آهن. ياد رهي ته نجم سيٺي جي استعفيٰ ڏيڻ کانپوءِ عهدو خالي آهي ۽ الڪيشن ڪمشنر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وقتي چيئرمين آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے