14 بدھ , نومبر 2018

شيخ رشيد جو 15 سيپٽمبر کان ٻه نيون ريلون هلائڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد 15 سيپٽمبر کان ٻه نيون ريلون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته راولپنڊي کان لاهور ۽ ڪنديان کان راولپنڊي تائين ٽرين هلائي ويندي، جڏهن ته هن ئي سال ريلوي کي خساري مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي نه ڪنهن سان نفرت آهي ۽ نه محبت، رڳو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، ريلوي ۾ نالائق ۽ ڪم چورن کي نه ڇڏيندس. هن ريلوي ۾ 60 ورهين کان بيٺل گاڏين جي نيلامي جو اعلان ڪندي چيو ته ريلوي خرچن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ فريٽ ٽريڊ کي به آن لائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فريٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو چيو آهي ۽ فريٽ ٽريڊ جي هر ڏينهن واري رپورٽ مون کي فراهم ڪئي ويندي. شيخ رشيد چيو عوام کي خاطري ڪرايان ٿو ته ٻاهران امپورٽ ڪرڻ بدران سڀ ڪم پاڪستان ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو، آن لائين ٽڪيٽنگ ۾ ٽريول ايجنٽن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ريلوي جي زمين تي وڻ پوکيا ويندا. وفاقي وزير ريلوي مان ڪرپشن جي خاتمي جو اعلان ڪندي 5 ورهين جي ڪارڪردگي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايڪسپريس تيز گام کان وڌيڪ نفعي ۾ هلي هئي، مان پاڪستان ايڪسپريس جي انڪوائري ۾ بري ٿيو هيس ۽ اها واحد انڪوائري هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے