17 ہفتہ , نومبر 2018

صدارتي چونڊ بابت اپوزيشن کان اڳتي نڪري چڪا آهيون: عارف علوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته  عمران اسماعيل سنڌ جي گورنر لاءِ بهترين اميدوار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هن عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني. سندس چوڻ هو ته عمران اسماعيل سمورين پارٽين کي گڏ کڻي هلندڙ شخصيت آهي، سندس اڳوڻي ۾ سنڌ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عارف علوي چيو ته اپوزيشن صدارتي چونڊ لاءِ غور ڪري رهي آهي ۽ اسان اڳتي نڪري چڪا آهيون، صدارتي چونڊ جي حوالي سان اسان جا نمبر پورا آهن، ووٽ لاءِ پنهنجي اتحادين وٽ ويندس، سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے