20 منگل , نومبر 2018

مشهور ڪمپني ”ڪلاشنڪوف“ بجليءَ تي هلندڙ ڪار متعارف ڪرائي ڇڏي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور مشين گن اي ڪي 47 المعروف ”ڪلاشنڪوف“ جي خالق روسي هٿيار ساز اداري پنهنجي روايت کان هَٽي هڪ مختلف ڪم ڪيو آهي، هن ڀيري ان اداري هڪ نئين ”اليڪٽرڪ سپر ڪار“ پيش ڪئي آهي. ”ڪلاشنڪوف“ ماسڪو ۾ ٿيندڙ دفاعي نمائش (ڊفينس ايڪسپو) ۾ جديد هٿيار جي جاءِ تي هڪ نئين اليڪٽرڪ سپر ڪار پيش ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. اتي موجود ماڻهن پيٽرول، ڊيزل يا سي اين جي بدران بجليءَ تي هلندڙ ان ”اليڪٽرڪ سپر ڪار“ ۾ خاص دلچپسي جو اظهار ڪيو. اليڪٽرڪ سپر ڪار کي 70ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ مشهور روسي ڪار جي ماڊل ”آءِ زي ايڇ ڪومبي“ جيان ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي ڏسندي ئي احساس ٿئي ٿو ته ڄڻ اها پراڻي زماني جي ڪار آهي پر حقيقت ۾ اها اندروني طور جديد ۽ نون فيچرن سان ليس آهي. ڪلاشنڪوف جي ويب سائيٽ تي اليڪٽرڪ سپر ڪار جون خاصيتون ٻڌائيندي لکيو ويو آهي ته ان ڪار ۾ جديد طريقي جو انورٽر لڳايو ويو آهي، جن سان ڪار کي رڳو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي اها 350 ڪلو ميٽرن تائين ٻيهر چارج ڪرڻ بنا سفر ڪري سگهي ٿي. ڪمپني اها به دعويٰ ڪئي آهي ته اليڪٽرڪ سپر ڪار سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪندي، جڏهن ته پنهنجي منفرد خصوصيتن ۽ مناسب قيمت سبب اها ڪار مارڪيٽ ۾ ايلون مسڪ جي اداري ”ٽيلسا“ سميت ٻين ڪيترن ئي برانڊن جي بادشاهي ختم ڪندي پر في الحال ان اليڪٽرڪ سپر ڪار جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے