19 پیر , نومبر 2018

رپورٽ: شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز مسئلن جو شڪار، مريضن کي تڪليف

Shahdadpurpur Institute of Medical Sciences Issues of Hunting, Diseases of Patientsسنڌ ۾صحت جون سهولتون نه ملڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو سخت تڪليفن جو شڪار آهن.

شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز پڻ انتظامي مسئلن جي ور چڙهيل آهي جنهن سبب مريض پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

دل جي مريض سان گڏ  اسپتال آيل شهري عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر ڪير به سندن علاج ڪرڻ وارو ناهي، هن چيو ته ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب دل جي مريضن کي گڙدن جي ڊاڪٽر ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو…….

اسپتال ۾ مقرر ڊائلاسيز يونٽ جو انچارج ڊاڪٽر آصف ڪارڊيولاجسٽ ڊاڪٽر جي کوٽ سبب دل جي مريضن جو علاج ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هو ضرورت موجب ڪم ڪري رهيو آهي، جتي به ضرورت هوندي آهي هو ڪم سنڀالي وٺندا آهن، هو ڪنهن به مريض کي فرسٽ ايڊ ڏئي سگهن ٿا…..

دل جي شعبي ۾ موجود ڊيوٽي اسٽاف ٻڌايو ته اهو بلڪل غلط آهي، دل جي مريضن کي گڙدن جو ڊاڪٽر ڏسي رهيو آهي، اسپتال ۾ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي، مارننگ شفٽ ۾هڪ جڏهن ته نائيٽ شفٽ ۾2 ڊاڪٽر آهن پر ايوننگ شفٽ ۾ ڪو به ڊاڪٽر ناهي….

سمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد بچل ڳرواڻ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته دل جو ڊاڪٽر موڪل تي هجڻ ڪري گڙدن جي ڊاڪٽر کي دل واري شعبي ۾ او پي ڊي تي مقرر ڪيو ويو آهي…..

مريضن توڙي شهرين سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال جي مسئلن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ جو نوٽيس وٺي علائقي واسين کي سهولتون فراهم ڪيو وڃن.

قربان شاهه عوامي آواز ٽي وي شهدادپور…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: چيلهار: گئوچر ۽ ترائي جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

چيلھار ۾ ڳوٺاڻن پاران رڙلي ترائي، ٻيلي ۽ گئوچر جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے