21 بدھ , نومبر 2018

پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو نئون دور ۽ عمران حڪومت

پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا پاڪستان ٺهڻ جي ٻن مهينن ۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ ان وقت قائم ٿيا جڏهن آمريڪا 20- آڪٽوبر 1947ع تي پاڪستان کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ طور تي تسليم ڪيو، آمريڪا پهريون ملڪ آهي جنهن دنيا ۾ قائم ٿيندڙ ڪنهن به ملڪ کي انجي انتهائي مختصر عرصي اندر تسليم ڪيو هُجي، بعد ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ايتري قدر ته ويجها رهيا جو “ سرد جنگ ” هلندي پاڪستان آمريڪا جو اتحادي رهيو ۽ “ CENTO”  ۽  “ SEATO”  تنظيمن ۾ پڻ پاڪستان آمريڪا جو انتهائي ويجهو اتحادي رهيو ، جڏهن ته پاڪستان 1972ع ۾ ان وقت جي آمريڪي صدر نڪسن جي چين جي دوري ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو جنهن مان ٻنهي ملڪن جي  انتهائي ويجهن لاڳاپن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ تلخي پهريون دفعو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ آئي، ان وقت پيپلز پارٽي پنهنجي جوهر ۾ جهڙوڪر کاٻي ڌر جي فڪر کان متاثر هڪ جماعت هوندي هُئي، جيڪا ڇڪتاڻ ڪجهه عرصي بعد ماٺي ٿي وئي. انهيءَ کانپوءِ آمريڪا، روس جي وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا طرف اورانگهڻ کي روڪڻ لاءِ ” آپريشن سائڪلون“ شروع ڪيو  جنهن ۾ پاڪستان جو آمريڪا کي ڀرپور سهڪار حاصل رهيو ، انهيءَ ڏس ۾ افغانستان ۾ مسلم مجاهدن جي جنگي تربيت ڪرڻ ۽ انهن کي روس سان ويڙهائڻ مقصود هو ۽ پنهنجي انهيءَ مقصد ۾ آمريڪا زبردست نموني ڪامياب ٿيو ،

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ٻيو دفعو تلخي روس جي زوال کانپوءِ ان وقت آئي جڏهن آمريڪا ”پريسلر ترميم“ ذريعي پاڪستان خلاف مالي پابنديون مڙهيون جن جو مقصد پاڪستان کي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان پري رکڻ هو ، پاڪستان پنهنجو جوهري هٿيارن جو پروگرام هندستان سان 1971ع جي جنگ بعد شروع ڪيو هو جيڪو مختلف مرحلن ۾ جاري پئي رهيو، جنهن ۾ 1974ع ۾ هندستان پاران جوهري بم جي ڌماڪي بعد تيزي اچي وئي. 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا جي ٽوئن ٽاورز تي ٿيل آپگهاتي حملي بعد پاڪستان جي آمريڪا آڏو اهميت ويتر وڌي وئي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا  وار آن ٽيرر لاءِ پاڪستان کي 25/  ارب ڊالرن جي امداد ڏني.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وري تڏهن شروع ٿئي ٿي جڏهن  آمريڪا  وار آن ٽيرر دوران پاڪستان تي  افغان طالبان ۽ ڪوئٽا شريعه  جي اڳواڻن خلاف ڪاررواين ۾ غفلت جو الزام هنيو، ۽ ان کان اڳتي ” ملا فضل الله“ ريمنڊ ديوس” ۽ ”اوساما بن لادن“ جي موت جي معاملي تي پڻ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڇڪتان پيدا ٿي، جنهن کانپوءِ آمريڪا وقت بوقت پاڪستان تي ننڍيون وڏيون اقتصادي پابنديون مڙهيندو رهيو آهي.

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ جو واحد سبب افغانستان جي جنگ آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ کي جيڪي سياسي نقصان پهتا اهي پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ کي اقتصادي ۽ سماجي نقصانن کي پڻ منهن ڏيڻو پيو، انهيءَ سڄي عرصي ۾ ملڪ اقتصادي بحران جي ور چڙهي ويو، مسلسل جنگ، ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن سبب فقط تباهي ئي تباهي ٿيندي آهي.

25- جولاءِ 2018ع تي ملڪ ۾ جيڪي چونڊون ٿيون انهن ۾ تحريڪ انصاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪري پنهنجي حڪومت جوڙي ورتي، عمران خان جو چونڊن کان اڳ ۽ چونڊن کان پوءِ هڪ اصولي موقف رهيو آهي ته جنگ ۽ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، دهشتگردي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ فقط امن ۽ امن قائم ٿيڻ گهرجي جو ملڪ امن کان سواءِ ترقي ڪري نه ٿو سگهي، انهيءَ وچ ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو عمران خان کي وزير اعظم ٿيڻ تي مبارڪون ڏيڻ لاءِ فون ڪيو، اطلاعن موجب هُن وزير اعظم پاڪستان عمران خان سان ڳالهين ۾ کيس پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته دهشتگرديءَ جي معاملي تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، مائڪ پوميو ۽ عمران خان وچ ۾ ٿيل اهڙي ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وري ڇڪتاڻ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه ان حوالي سان به افسوس جوڳي آهي ته پاڪستان پنهنجي بحرانن مان نڪرڻ لاءِ جهڙوڪر پر ساهي رهيو آهي ته مٿان وري هڪ نئين ڇڪتاڻ ڪر کنيو آهي.

اسين سمجهو ٿا ته آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائڪ پوميو ۽ پاڪستان جي وزير اعظم عمران جي وچ ۾ ڳالهيون کڻي ڪهڙيون به ٿيون هجن، پر آمريڪا پنهنجي ڪنهن به مطالبي کي مڃائن لاءِ اهڙي نموني نه ته ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو مجاز آهي ۽ نه ئي پاڪستاني وزير اعظم آمريڪا جي اهڙي ڪا ڳالهه مڃڻ جو پابند آهي، جنگ ۽ ان جو خاتمو ۽ ان تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سفارتي آدابن جي زمري ۾ اچي ٿو، ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه فون تي چوڻ ۽ مڃائڻ جهڙي ناهي هوندي.

ان کان جيڪڏهن ٿورو اڳتي ڏسبو ته پاڪستان افغانستان جي معاملي ۾ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن اهي ڪنهن کان به لڪل ناهن جنهن جو اعتراف خود آمريڪا ڪندو رهيو آهي، هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته آمريڪا کي پڻ دهشتگرديءَ جي خاتمي متعلق پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان کي پنهنجو هڪ اتحادي سمجهي ورتاءُ ڪرڻ گهرجي نه ڪي ماتحت، اسين هن مرحلي تي آمريڪا کي اها به گذارش ڪنداسين ته پاڪستان کي پنهنجن سمورن گهوٽالن مان نڪرڻ لاءِ جيڪو موقعو مليو آهي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪري هڪ سٺي اتحادي ۽ سچي دوست هجڻ جو ثبوت ڏئي .

آچر 26 آگسٽ  2018ع، 14 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جيئڻ جي جاٰءِ آهي

سڀاڻي سموري دنيا ۾ سهپ / بردباريءَ ۽ رواداريءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. نهايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے