16 جمعہ , نومبر 2018

پَکِين جو پيءُ

وحيد محسن

اڪرم آچر ڏينهن صبح سوير سنڀري پنهنجي بابا ادريس کي چيو ته اچو ته اڄ پکين جي پيءُ سائين انعام ڏانهن هلون، جتي رنگ برنگي پکي داڻي پاڻيءَ لاءِ سندس اوطاق تي بنا ڪنهن خوف جي سندس آڳر ۾ جهومندا ۽ لاتيون لنوندا آهن. بابا اڄ مون کي انهن جي ڏاڍي سڪ لڳي آهي، وٺي هلو ني…

ادريس به پنهنجي پياري پٽ اڪرم جو چيو مڃيندي پنهنجي بائيڪ گهر کان ٻاهر ڪڍي ۽ سائين انعام سان ملڻ لاءِ اسان ٽيئي روانا ٿياسين. رستي ۾ ڳوٺ وارن وڏڙن ۽ سنگتين ادريس کان پڇا پئي ڪئي ته اڄ اڪرم ميان کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو؟ تنهن تي ادريس مرڪندي جواب ڏنو ته سائين انعام ڏانهن وڃون پيا. بائيڪ ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو کان روڊ تي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ اسان ويهن منٽن جي سفر کانپوءِ سائين انعام جي ڳوٺ ٻيلهاڙو پهچي وياسين ۽ سائين انعام جي اوطاق ڏانهن هلڻ لڳاسين. اتي پهچي بائيڪ تان هيٺ لٿاسين ۽ دروازي جي ٻاهران بائيڪ بيهاري، ادريس دروازي تي هلڪي دستڪ ڏني. موٽ ۾ سائين انعام دروازو کولي اسان سڀني سان ڀاڪر پائي مليو ۽ چوڻ لڳو ڀلي ڪري آيا بابا. پوءِ اسان کي آڳر ۾ پيل کٽن تي ويهڻ لاءِ چيائين. تنهن کان پوءِ چوڻ لڳو ادريس بابا! ڏيو حال احوال خوش آهيو… چاق چڱا ڀلا… اڄ اڪرم ميان کي وٺي آيو آهين، هي به شاعر ٿيندو ڇا؟! ادريس پنهنجي لبن تي مرڪ آڻي کيس چيو ته ها سائين هي به اوهان جو ٻچو آهي ۽ اڄ هن فرمائش ڪئي ته مون کي سائين انعام ڏانهن وٺي هل، جيئن صبح جي چوڳي تي آيل پکين کي ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهان. هونئن ته اسان جي زمين ۾ چيچڙي جي ڳڙ جي خوشبوءِ ۽ چوڳي تي آيل پکين کي ڏسندو رهيو آهي پر اوهان جي پکين جي تعريف ٻڌڻ کانپوءِ اوهان ڏانهن وڏي اڪير مان آيو آهي! ها بابا ڀلي ڀلي، هي پکي ڏسو اڪرم ميان جا آهن. جهرڪيون،  هيڙو، بلبلا، ڪٻريون، ڳيرا، ڪانءُ ۽ هي رنگين جهرڪيون سڀ ڪيتريون نه سهڻيون آهن. اهي پکي مون کي اولاد وانگر لڳندا آهن، سندن داڻي پاڻيءَ جو بندوبست ڪندي مون کي گهڻي خوشي ٿيندي آهي.

اڪرم وڏي انگ ۾ آڳر تي پکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سائين انعام کي چوڻ لڳو، پکين جا بابا اوهان خوشنصيب آهيو جو روزانو اهڙن سهڻن پکين کي ڏسو ٿا ۽ انهن جي سيوا ڪيو ٿا. سائين انعام! آءٌ هاڻي هر آچر تي صبح جو اوهان جي هن اوطاق تي اچڻ چاهيان ٿو ۽ بابا ادريس کي اوهان منهنجي پارت ڪيو. ها ٻچا جڏهن به تنهنجي دل گهري هليو اچجانءِ. هي اوهان جي پنهنجي اوطاق آهي. شل سکيو هجين ۽ آباد رهين. سائين انعام جي اهڙين مٺڙين ڳالهين کي ٻڌندي پکي به پنهنجون ٻوليون ٻولي رهيا هئا ۽ اَنَ جا داڻا به چڳن پيا ۽ پاڻيءَ تي به پکين جو ولر بيٺو هيو. اڪرم جي اهڙي خواهش تي سائين انعام به ڏاڍو خوش ٿيو، پکي داڻو چڳي رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ موج ۽ مستي به ڪري رهيا هئا. اهو منظر اسان کي ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو هو. اهي منظر اکين ۾ کڻي اسان پوءِ سائين انعام کان موڪلائي واپس موٽي آياسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے