19 پیر , نومبر 2018

سچ جي ڳولا

رکيل مورائي

سچ جي ڳولا فلحال هڪ ڪتاب جو نالو آهي، جيڪو اسان جي محترم ليکڪ ٽيڪم مٽائيءَ جو آهي. ليکڪ پاڻ آمريڪا ۾ رهندڙ آهي، پر جيئن ته سنڌي آهي ان ڪري سندس روح زندهه رهڻو آهي ۽ ٻولي به زندهه رهڻي آهي.

ٻيءَ طرح ”سچ جي ڳولا“ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن جي لاءِ ازل کان ابد تائين تلاش جاري رهڻي آهي، هڪڙا ماڻهو سچ جي تلاش روحاني طور ڪندا رهيا آهن ۽ ٻيا سائنس جي معرفت، سچ جا ڳولائو آهن. ڪيئن چئجي ته سچ کي ڪير ويجهو آهي ۽ ڪير پري؟ اهو ته سچ آهي ته هر شخص جو سچ پنهنجو آهي،ائين سائين ٽيڪم مٽائيءَ جو سچ به هُن جو پنهنجو آهي. ان کان پوءِ ڪنهن ٻئي شخص/پڙهندڙ جو.

شخص کان ٻاهر ڪائنات ۾ سچ ڇا آهي، ان جون اڻ ڳڻيون تشريحون آهن، هڪڙين کي دل مڃي ٿي ته ٻين کي دماغ قبولي ٿو. ائين انسان جنهن به نتيجي تي رسي ٿو ان کي سچ قبولي ٿو. انسان جو سفر اتي پورو ٿئي ٿو. پر ڪائنات جو سچ پورو نٿو ٿئي.

پڪ سان اها ڪائنات جيڪا شخص جي اندر جي ڪائنات آهي، ان جو سچ به گهڻو گهڻو وڏو آهي، انسان جي هڪ عمر بنهه نڍي آهي. ۽ جڏهن ننڍي عمر وارو انسان، گهڻي وڏي سچ جي تلاش ۾ نڪري ٿو ته پوءِ ڀٽائيءَ واري ڪيفيت کي رسي ٿو.

ڳوليان ڳوليان مَ لهان.

۽ پڪ سان سائين ٽيڪم مٽائيءَ جو ڪتاب روحاني طور ان سفر جي تلاش ۾ نڪرڻ آهي، جنهن لاءِ ڪيئي پير فقير، ولي، پيغمبر، سنت، صوفي، ثمر سنباهي نڪتا هئا ۽ سچ جون ڪي نشانيون ايندڙن لاءِ ڇڏي ويا ته، وري نه وريا! پويان فقط انهن جون مڃتائون رهجي ويون.

”سچ جي ڳولا“ نالي وارو هيءُ ڪتاب اهڙين ئي نشانين سان ڀريل آهي، جيڪي روح ۾ لهي ويندڙ آهن ۽ ساڳئي وقت هڪ آٿت ڏيندڙ به آهن، انسان جي اندر کي ته هُو جيڪي ڪرڻ/چوڻ چاهي ٿو اُهو سچ آهي. بنيادي طور اهو اطمينان/آٿت ئي سچ آهي، جنهن کي انسان جو اندر/من قبول ڪري سگهيو آهي. جيتوڻيڪ ان کان ٻاهر به گهڻو ئي سچ آهي.

سائين ٽيڪم مٽائيءَ جي ” مَنَ“ جڏهن پنهنجي سچ کي مڃي ورتو آهي تڏهن ئي ان سچ کي اظهاريو آهي، جيڪو اظهار الڳ الڳ وقتن ۽ مضمونن جي صورت اختيار ڪري، هڪ ڪتاب جي صورت وٺي ظاهر ٿيو آهي. ۽ انهن ليکڪن جو ڳاڻاٽو اٺونجاهه کن آهي ۽ اهو ڪتاب ”سچ جي ڳولا“ جي نالي سان پڌرو ٿيو آهي. جنهن ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، ان جو پهريون ڇاپو سنڌ ۾ ٻه هزار ڏهه ۾ شايع ٿيو هُئو جنهن پڙهندڙن جي پياس وڌائي ۽ ڪتاب مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو ۽ هاڻ وري ان ۾ ڪجهه واڌارا ۽ سڌارا ڪري ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو اڳئين کان وڌيڪ سگهڻو ڪري آندو ويو آهي.

هن ڪتاب جو مرتب اسان جو خوبصورت نثرنگار نصير مرزا صاحب آهي جنهن جي پيار ۽ پورهئي کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه سگهبو.

ڪتاب جي آخر ۾ درويش سائين جيوترام مٽائيءَ بابت پنج ليک الڳ حصي طور ڏنا ويا آهن جن جا لکندڙ آهن، سائين محمد ابراهيم جويو، مظهر الحق صديقي، وسيومل جيوترام مٽائي ۽ ٽيڪم مٽائي، ائين هيءُ ڪتاب ٻه سئو ٻارنهن صفحا والاري بيٺو آهي. وچ وچ ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ سميت ڪن بزرگن جون تصويرون ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪري بيٺيون آهن.

سٺي ڪاغذ ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڻ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد جي سکاڻي موهن مدهوش صاحب نهايت سٺو ڪري ڇاپيو آهي جنهن لاءِ هو صاحب جس جو ڀاڳي آهي.  ڪتاب جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي، ڪنهن به طرح هڪ پڙهڻ جهڙي ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي سنڌي ادب ۾ ۽ بس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے