22 جمعرات , نومبر 2018

ڌڱاڻو خان ۽ هميرو ڪولهي، سنڌي شاعريءَ جا ٻه اهم ڪردار

ادل سولنگي

سنڌ، ڌرتيءَ جي سيني مٿان اُڀريل اُها مُقدس ۽ فطري، سر سبز ۽ زرخيز زمين رهي آهي، جنهن زمين جي قديم آڳاٽن ۽ اصلوڪن لوڪن، وڏن سڱن وارن ڏاندن جي جوڙن سان گڏجي ڌرتيءَ کي کيڙي، اوڙون ڏيئي، ڪيئي ڪڻڪ ۽ ڪپهه جا کيت کيڙيا هئا، جڏهن فصل پچي/راس ٿيندا هئا، تڏهن سنڌ ديس جا آڳاٽا لوڪ، چوڏهينءَ جي رات ۾ چانڊوڪيءَ جي ورکا ۾، ڌرتيءَ جي سُک – سُڪار جا گيت ڳائي سرهائيءَ جا ناچ نچندا هئا.

ڏهه هزار سال قديم تهذيب رکندڙ سنڌو درياهه جي ڪنارن تي آباد هيءَ قديم سنڌي قوم جنهن تاريخ ۾ چار هزار سال پنهنجي ”سنڌو سلطنت“ کي آزاد ۽ خودمختيار سلطنت طور قائم رکيو ۽ سندس رکوالي ۽ حفاظت ڪئي ۽ پنهنجي عظيم تهذيب ۽ ثقافت جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي پنهنجي ڏاهپ جا مينار کڙا ڪيا.

سنڌي قوم جي ڌاڃ – ڌڻين اشتراڪي سماج جا بنياد رکي، گڏيل پورهيي جو رواج وڌو، گڏيل نموني پورهيو ڪري زراعت جا بنياد رکيا ۽ دنيا جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ” ڦيٿو“ ايجاد ڪيو، سنڌ جيڪا صدين کان ايجادن جي ماءُ ڌرتي رهي آهي. سنڌ جي اوائلي اشتراڪي پورهيت سماج جي اهڙي روايت، سنڌ ۾ اڄ به اسان کي ” ونگاري وهنوار“ جي روپ ۾ ملي ٿي، سنڌ جي آڳاٽي اشتراڪي زرعي سماج ۾ سرجيل لوڪ گيتَ” هَمرچي جو ويلو ڙي“ صدين پڄاڻان به سنڌ جي زرعي سماج ۾ ڌرتيءَ جا ڌاڃ- ڌڻي فصل پوکڻ کان فصل پڇڻ ۽ لهڻ تائين گڏجي ڳائيندا آهن.

”همرچي جي ويلو ڙي“ اڄ به اُتر کان لاڙ تائين، ٿر کان ڪوهستان تائين، اسان جا ڌاڃ –  ڌڻي، لاهيارا ۽ ڪڙمي ڪانجهي ڳائيندا پيا اچن، سنڌ جيڪا قديم زماني کان گيتن ۽ ناچ جي ڌرتي رهي آهي. ويدن ۽ لوڪ ادب کان، لوڪ شاعريءَ تائين، ڪلاسيڪي شاعريءَ کان اساسي شاعريءَ تائين قديم شاعريءَ کان جديد شاعريءَ تائين ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين جون ڪيتريون ئي ڪٿائون ملن ٿيون. سنڌ جيڪا صدين کان وٺي، امن آتشي، سَهپ ۽ راوداري، سک ۽ سڪار جي ڌرتي ۽ دلبرن جو ديس رهي آهي. سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان وٺي، ڪلا ۽ ڪرت جي عظيم ڌرتي رهي آهي، جنهن ڌرتيءَ تي سهسِين سانگ رچائي، گيت ڳائي، ناچ نچندي، ڌرتيءَ جي سلامتيءَ جا ڪيئي امر آواز آلاپيا ويندا رهيا آهن.

مُهين جو دڙو، ڪنگ پريسٽ ۽ سمبارا، قديم اڏاوتون، سنگتراشي، گيت ۽ ناچ جون قديم علامتون ۽ تاريخي شاهديون آهن. ڏاند گاڏي سنڌ جي قديم ۽ اوائلي زرعي سماج جي اهم ۽ عظيم ايجاد آهي.

سنڌ جنهن دنيا ۾ اڄوڪي ترقي جي ڏَهه هزار سال اڳ پيڙهه رکي هئي. دنيا جا سڌريل نظام قديم سنڌ جي تهذيب جا شاندار مِينار آهن، جنهن ڌرتيءَ تي سرهائيءَ جا ناچ نچي امرتا جا گيت ڳاتا ويندا هئا. ان ڌرتيءَ کي قدرتي آفتن، ٻوڏن،  اوٿرن، مينهن ته نهوڙيو پر آرين جي ڪاهن ۽ ڌارين جي والار پڻ هِن ڌرتيءَ کي تاراج ڪري ڇڏيو، ڌرتيءَ جا ڪَک پَن اڏاري ڌرتيءَ جي ڀينگ ڪئي وئي، جن ڌاڃ – ڌڻين ڏهه هزار ورهيه اڳ زراعت جو بنياد رکيو، ڌرتيءَ جي لوڪن جي تن تي ڪپڙو اوڍايو ۽ جن دنيا جي انگ اگهاڙن لڱن کي لباس ڏنو، جن بک جي ور چڙهيل دنيا جي بکين، ڏکين لوڪن کي ڌانُ ۽ نانُ ڏنو، آرين ۽ ڌارين انهن ڏاڃ ڌڻين جي زمينن جي والار ڪري سنڌ جي لوڪن کي قديم اسرائيلين جيان ڌرتيءَ تان ڌڪاري ڇڏيو ۽ ڌاڃ – ڌڻين کي جبري پورهيي ۽ وياج جي ٻن پڙن ۾ پيٺو ويو، سندن زرخيز زمينن تي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري کين اڻ هوند جي رڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو.

سنڌ جيڪا انهن ڌاڃ – ڌڻين جي ڌرتي رهي آهي، اُن ڌرتيءَ تي آرين ۽ ڌارين قبضو ڪري انهن دراوڙن جي ديس مٿان پنهنجي حاڪميت قائم ڪري ڌاڃ – ڌڻين کي ڌرتيءَ تان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٻين ڌاڃ – ڌڻين کي غلام ڪري ڇڏيو ۽ انهن ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين ڏورانهن علائقن ۾ صدين کان کيت کيڙيندي اَنگ اگهاڙي ۽ پيٽ بکئي سموري ڄمار کيتن منجهه پورهيو ڪندي گذاري ڇڏي آهي. نسل در نسل پورهيو، ها اهڙو جبري پورهيو، جنهن جي کين ڪا به حاصلات ناهي ٿي سگهي.

لطيف سائين چواڻي ته:

ڏکي توءِ ڏڪار توڻي وسن مينهڙا،

پورهيي هٿ سڪار، تو وس آهن هٿڙا.

دنيا ۾ پورهيي کانسواءِ اجرت جو ڪو به تصور ناهي پر سنڌ ۾ پورهيو پونءِ ٿيندي ڏٺو ويو آهي.

پورهيو ٿو ٿئي پونءِ، اڃان چُپ آهيو؟

تاڪوٿا تڪن ڀونءِ، اڃا چُپ آهيو؟

(آثم ناٿن شاهي)

سنڌ جا ڌاڃ – ڌڻي پنهنجي پورهيي جي اُپت کان محروم ڪيا ويا آهن، سنڌ ڌرتيءَ جي زرخيز زمين تي قبضو ڪري ويٺل هٿياربند حاڪم ۽ انهن جي ديسي دلالن ڌاڃ – ڌڻين جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، صدين کان ڌرتيءَ جي والار، ناانصافي ۽ ڌرتيءَ جي مٿان ڌارين جي اهڙي قبضي خلاف اسان جي وڏڙن مان شهيد شاهه عنايت! جنهن جو نعرو هيو ”جو کيڙي – سو کائي“ جنهن ڌرتيءَ جي انهن ڌاڃ – ڌڻين کي حوصلو ڏنو ۽ ڌرتي جي والار ڪندڙن کي للڪاريو، ڏاڍ جي اکين سان اکيون ملائي کين مزاحمت سيکاري ۽ ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين کي سنڌ جي اوائلي اشتراڪي زرعي سماج جي اَڏاوت ڪرڻ لاءِ ٻيهار منظم ڪيو. ڌارين حاڪمن جي ديسي دلالن شهيد شاهه عنايت بابت وقت جي سرڪار جا ڪن ڀريا. ڌارين حاڪمن جي مِياڻ مان ويساهه گهاتيءَ جي تلوار نڪتي، جنهن شاهه شهيد جي اَرڏي ڪنڌ تي وار ڪيو. رت وهيو، رڻ گجيو، راڙو ٿيو ۽ شهيد شاهه عنايت جو ريٽو رتُ، درياهي وهڪري سان گڏجي وڃي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪيو. ڌرتيءَ جي هڪ ڀيرو ٻيهر والار ڪئي وئي ۽ ڌاڃ – ڌڻين، سِيسُ سهائڻ وارو سودو ڪري ڌرتيءَ سان پنهنجي نِينهن جو هڪ نئون مثال قائم ڪيو، ورهين پڄاڻان سنڌ جي ڌاڃ – ڌڻين کي منظم ۽ سگهارو ڪرڻ لاءِ ”سن“ جي سائين، جيئنم سائين، جمشيد مهتا، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ”هاري حقدار“ جو نعرو هڻي شاهه عنايت جي جوٽيل جنگ جاري رکي ۽ ساڻس وچن ورجايو ۽ ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين جي فطري حقن ۽ ڌرتيءَ تي سندن موروثي مالڪيءَ جي دعويٰ کي ٻيهر ورجايو.

جيئي سنڌ – جيئي سنڌ،

جامِ محبت – پيئي سنڌ،

جيئي هاري ۽ مزدور،

جيئي هارياڻي پرنُور،

پورهيي اندر صبح شام،

جيئي سنڌ – جيئي سنڌ.

قومي سجاڳيءَ جا نعرا هڻي ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين جا ٻانهن ٻيلي ٿي سندن حقن لاءِ مزاحمتي تحريڪن کي اُڀاريو ۽ ڊگهي جدوجهد ڪندي انهن عظيم انسانن پنهنجو قومي فرض ادا ڪندي، زندگيءَ جا ڪيئي خوبصورت ورهيه بندي خانن ۾ گذاريندي، ڌاڃ – ڌڻين جو ساٿ ڏنو. ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين سان دوکو ڪندي وقت جي ويڪائو ۽ ديس دروهي ماڻهن ڌرتيءَ جي والار ڪندڙن جو ساٿ ڏنو ۽ ڌرتيءَ تي ڪاهون ڪندڙ عربن، ايرانين، يونانين، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن ۽ پنجابين سنڌ جي زرخيز زمين جو نيلام ڪيو ۽ ڌاڃ – ڌڻين کي زمينون خريدڻ کان پوئتي ڌڪيو ويو، اهڙي روش ۽ رويو هوندي به ڌاڃ – ڌڻي ڌانُ اُپائيندا رهيا.

ٽانڊن جهڙي ٽاڪَ منجهند،

سِوَ جي آڌيءَ رات سَمي،

سونا سنگ اُپائڻ وارو،

لوڪَ جا لِڱَ ڍڪائڻ وارو،

پيٽَ بکايل اَڌ اگهاڙو،

اڃان کڙو آ کيتن ۾

(ا-س)

ڌرتيءَ جي والار ڪندڙن پنهنجي ڏاڍ، ڏمر، اٽڪلن ۽ سازشن ذريعي ڌاڃ – ڌڻين کي وياجي، بيگاري ۽ جبري پورهيي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، جتان اڃان تائين کين ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻڻيون پيون آهن. انهن ڏاڍن ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين سان جيڪي ويل وهايا ۽ ڪلورَ ڪيا، انهن جي عڪسن، اولڙن، دردن ۽ پيڙائن جو سنڌي ادب ۾ گهڻو اظهار ڪيو ويو آهي، خاص ڪري شاعريءَ ۾ ڌاڃ – ڌڻين جي اهڙيءَ زندگيءَ کي خوب چٽيو ويو آهي.

اسان جا اديب چون ٿا ته: شيخ اياز، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو تسلسل آهي ۽ شيخ اياز جو تسلسل وري آهي، احمد سولنگي، جن پنهنجي نظمن ۾ انهن ڌاڃ – ڌڻين جي زندگيءَ کي جيئن ڏٺو آهي، تيئن انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي.

شيخ اياز تاريخ جو شعور رکندڙ ڌرتيءَ جو اهڙو شاعر آهي، اهڙو تخليقڪار آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي صدين جي محرومين، ناانصافين، ڦرلٽ ۽ لتاڙ جون پيڙائون ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمتون موجود آهن. سنڌ جي ڌاڃ – ڌڻين بابت لکيل شيخ اياز جو نظم ”ڌڱاڻو خان“ ۽ احمد سولنگي جو نظم ”هميرو ڪولهي“ اوهان جي سامهون آهن.

۽ انهن نظمن ۾ ڌرتيءَ جي ڌاڃ – ڌڻين جا ڏک، سور، اُڌما، اُلڪا، اَلميا، اهَنج، ايذاءَ، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون جيئن جو تيئن ڏسي ۽ پسي سگهجن ٿيون ۽ انهن بابت گهڻو ويچاري سگهجي ٿو ۽ اياز جي لفظن ۾ وقت جي فرعونن، يزيدن، آرين ۽ ڌارين سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پنهنجو ست سارڻو پوندو ۽ سنڌ جي ڌاڃ – ڌڻين سان سهمت ٿيندي وقت آڏو هي سوال ورجائڻو پوندو ته:

”اي ڌرتي تنهنجا ڌاڃ – ڌڻي، ڪيسِين ڪاڻيارا رهندا؟“

شاهه سائين جو هڪ بيت آهي ته:

جنين ڏاند نه ٻِجُ، تِنين تنهنجو آسرو،

پوءِ اُڀارين سِجُ، اَول ڏين اُنهن کي.

پر هِي ته ڏاند ۽ ٻج وارا انسان آهن، جن کان نه رڳو ڏاند کسيا ويا آهن پر کانئن ٻِجَ به کسيا ويا آهن، بس هنن وٽ ناهي ته پنهنجي ڌرتي ناهي، اها ڌرتي جيڪا صدين کان هنن دراوڙن جي ميراث، ملڪيت ۽ سندن تاريخ ۽ تهذيب جو اهڃاڻ رهي آهي، ڇو ته انهن جي هن ڌرتيءَ تان تاريخي وارثي کي رد ڪندي سندن ڌرتيءَ تي قبضو ڪري هنن کي جبري ”بيگاري“ پورهيو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

اياز چيو آهي ته:

سڄو ڏيهه ڏاٽا اُڀا جي ڪري،

لکين عيد جا چنڊ اُڀري پون.

يا

اڇا نه اوڍاءِ،

رتا لاهي ڪپڙا،

نه مون روڪ رِڪاب کان،

گهوڙي واڳ وٺاءِ،

اڇا نه اوڍاءِ،

رتا لاهي ڪپڙا.

راتاهي جي رُت آ،

رُت جي رِيت نڀاءِ،

اڇا نه اوڍاءِ،

رتا لاهي ڪپڙا.

ڌڱاڻو خان

شيخ اياز جو نظم

هيءُ ڌڱاڻو خان،

انهيءَ جو،

پيءُ به هاري،

پُٽ به هاري،

پوک اُهائي ساڳي ساري،

ساڳي جوڙي تي پاڃاري،

ساڳيا هَر ۽ ساڳيا ريجا،

ساڳيا ٻيجا،

ٻيج به ساڳي، ٽيج به ساڳي،

چوٿِ به هڪ جهڙي، وڏ – ڀاڳي،

ڳوٺ به ساڳيا،

موٺ به ساڳيا،

پير ڪڙيون ۽ ٿاڻا ساڳيا،

نينگرِ لئهِ جماڻا ساڳيا،

جنهن ڌرتيءَ کي ويٺو کوٽي،

تنهن ڌرتيءَ ۾ آخر موٽي!

ها پرهه سانجهيءَ ٽاڻي،

گھوڙي کي جنهن وقت پلاڻي،

سنج وڇائي،

ڏاڍيان ڳائي،

گھوڙي جي هڻڪار هوا ۾،

پرتي پرتي پر ڦهلائي،

۽ ساري لالاڻ شفق جي،

ڦهِلي ڦلهِي،

نور وهائي نِيسارن ۾،

هن ۽ گھوڙي جي تارن ۾،

ڀانيان ٿو تنهن وقت ٻنهين جا،

نيڻ صدين جا سيڻَ لکن ٿا…

ها – هِي ساڳيو ماڻهو آهي،

جڳ گذري ويا، بدليو ناهي،

توڙي هيءُ ڌڱاڻو خان،

انهيءَ جو پيءُ،

انهيءَ جو پٽ،

اڃان ڀي بدليو ناهي،

ماڻهو ساڳيو ماڻهو آهي.

(شيخ اياز شاعري – I صفحو 683-682)

احمد سولنگيءَ جو نظم

هَميرو ڪولهي

وقت هميري ڪولهيءَ جو،

ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو؟

کيڙيءَ ۾ آ خواب انهيءَ جو،

اوڙ اوڙ ۾ آس انهيءَ جي،

ناڙيءَ تي آ جاڳ انهيءَ جي،

”پار ڪري“ هو پوڙهو ڪڙمي،

جوڳ انهيءَ وٽ، جاٽَ اِنهيءَ جي،

پير اگهاڙا واٽ اِنهي جي،

گهاٽُ اِنهيءَ جو ”گاجا موري“،

پرڻو اُن جو مرڻي جهڙو،

ڪهڙا گهوٽيتا ۽ ساڏي،

ڪهڙا ڄاڃي، ڪهڙا ڪانڌي؟

زالون ان جون موت مري ويون،

پُٽ، نه نُهرون، اڱڻ اڪيلو،

ڪهڙو ان جو ڪڙم قبيلو؟

گهر لوڙهي ۾ هڪڙو پوٽو،

ٻڪ ۾ پاڻي پيئندڙ پوڙهو،

رنگ جو ڪارو ، ڪن ۾ والي،

اک سفيد پکيءَ جي پر جيئن،

هيءَ حياتي ڪيئن اُن جالي؟

موڪ ۾ ريٽ- لڙاٽيل پاڻي،

سارين سائي چادر تاڻي،

ٻنيءَ ٻنيءَ ۾ ديرو اُن جو،

پٽيءَ پٽيءَ تي پيرو اُن جو،

هر پل آهي تابع اُن جي،

سانجهي رات سويرو اُن جو،

هيءَ ڌرتي آ، ماءُ انهيءَ جي،

وڻ وڻ آهي ڀاءُ اُنهي جو،

پن پن، ڪل، ڪنگور ۽ نڙ سان،

ماٽيلو آ سڱُ انهي جو،

سِجُ ۽ ٻجُ ٿو ٻهڪي اُن لئه،

هر ٻارو آ دنگُ اُنهيءَ جو،

هر ماڻهو ڇا ڄاڻي سگهندو،

اُن جي ڳالهين جي مالها ۾،

آهي معنيٰ جو هر ڌاڳو،

وقت ”هميري ڪولهيءَ“ جو،

ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو!؟

خواب وارا پکي – صفحو 143-142

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے