20 منگل , نومبر 2018

سانا جو 34 هون عالمي ڪنوينشن : ”سانا ويزن 2028“

ذاڪر بلو

سال 1984ع ڌاري جڏهن سنڌ اڃان آمر ضياءَ جي ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ بربريت کي منهن ڏئي رهي هئي. تڏهن ڏيهه کان ڏور ۽ ڏيهه کي ساهه جي تند کان به ويجهو ڀائيندڙ ڌرتيءَ جا ڌڻي دنيا جي آزاد ۽ خوشحال ملڪ ۾ رهندي به پنهنجي ماروئڙن جي مالڪي ۽ ديس جي خوشحالي جو خواب کڻي آمريڪا جون ڪيتريون ئي رياستون ۽ هزارين ميل لتاڙِي اچي آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سرحد تي واقع نيويارڪ رياست جي شهر بفيلو (Buffalo) ۾ گڏ ٿيا هئا. (توڻي جو جنرل ضياءَ جي مارشلا واري ڪاري دور جي شروعات کان وٺي مختلف وقتن تي ننڍيون وڏيون ويهڪون ۽ ضياءَ جي قهري ڪاررواين خلاف انفرادي طور ڪوششون به ٿينديون رهيون). لڳاتار بحث ۽ صلاح مشورن کانپوءِ نيٺ سنڌ جا اهي سورما ان نتيجي تي پهتا ته سواءِ ڪنهن مضبوط تنظيم جي سنڌ کان ٻاهر ويهي پنهنجي ديس جا ڏک سُک پچارڻ ممڪن ناهي. اهڙي طرح سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) وجود ۾ آئي.

وقت ثابت ڪيو ته اها جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ هُجي يا 1987-88ع ڌاري حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌين جي نسل ڪشي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم هجي يا ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، ناڻي جي ورهاست جو مسئلو هُجي يا سنڌ دشمن ٻٽو مڪاني نظام، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري هجي يا انساني حقن جي لتاڙ، سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا هر محاذ تي دراوڙ جي للڪار بڻجي پاڻُ موکيو آهي.

اُتر آمريڪا توڙي سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجن ماروئڙن جي مالڪي، ٻولي، ثقافت، تاريخي روايتن ۽ وجود جي بقا واري جدوجهد ۾ لڳاتار پاڻُ پتوڙيندي اڄ سانا 34 سال پورا ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سانا نه صرف اُتر آمريڪا ۾ آباد سنڌين جي سڀ کان وڏي ۽ نمائنده تنظيم طور سڃاتي وڃي ٿي پران سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سرزمين تي پيدا ٿيل ڏکيائين ۽ مايوسين ويل به سانا ڏانهن واجهائڻ لڳو آهي. ڪن به سياسي مقصدن يا مول متن نه هوندي به سانا پنهنجي قوم جي اميدن آهر سنڌ جي سمورن سياسي توڙي سماجي معاملن ۾ اڳڀري رهي آهي.

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جا سوين ساٿي ۽ دوست هر سال اُتر آمريڪا جي مختلف رياست ۾ گڏ ٿي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ شاندار ماضي کي ورجائي ۽ مستقبل  کي سامهون رکي غور ويچار ڪندا رهن ٿا.

انهيءَ سلسلي ۾ ويجهڙ ئي سانا جو 34هون ساليانو ڪنوينشن سانا ويزن – 2028 جي عنوان سان 6 کان 9  جولاءِ تائين واشنگٽن ڊي سي ويجهو ميريلينڊ (Maryland) رياست جي شهر بيٿسڊا (Bethesda) ۾ ٿي گذريو.  جنهن ۾ سنڌ جي تعليم، صحت، سنڌي ادب، ٻولي، ثقافتي تاريخي ورثن، سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ۽ سياسي ماڻهن کي کنڀي گُم ڪرڻ بابت مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويا. جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن جي دلچسپي لاءِ پڻ مختلف رنگارنگ پروگرام ٿي گذريا.

ٽن ڏينهن تائين هليل سنڌين جي هن عالمي ميلي ۾ آمريڪا، ڪينيڊا، ڪيريبيئن ٻيٽن (Caribbean islands) ، يورپ، سنڌ، گڏيل عرب عمارتن، انگلينڊ، سعودي عرب سميت گلف جي مختلف ملڪن مان سانا جي جُملي ميمبرن سميت هڪ ڪاٿي موجب مجموعي طور 1200 ماڻهن جي شرڪت رهي.

ڪنوينشن جي باضابطا شروعات کان اڳ صبح جو 11هين ڌاران سانا جي سينيئر ميمبر ڊاڪٽر مٺل وقاصي جي ميزباني هيٺ سنڌ – ناليج بيسڊ سوسائٽي جي عنوان سان ويهڪ ٿي گذري. جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن شاعرن اياز گُل، ادل سومرو، لنڊن مان ڊاڪٽر نظير ڏهر، سانا جي صدر محمد علي مهر جڏهن ته سنڌ مان ويڊيو لنڪ تي  سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب ۽ ناليواري دانشور ۽ ليکڪ جامي چاندئي سميت مختلف اڪابرن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

سنڌين جي 34هين عالمي ميلي جي باقائدي شروعات 6 جولاءِ تي شام 6 وڳي شاههَ سائين جي وائي سان. جنهن کانپوءِ سانا جي صدر محمد علي مهر مهورتي تقريب کي خطاب ڪيو ۽ آيل مهمانن کي دل جي اَٿاهه گهرائين سان ڀليڪار ڪيو.

افتتاح کانپوءِ سڀ کان اول سنڌي ادبي ويهڪ ۽ مشاعري جي محفل فريد ڀُٽي ۽ خير محمد ڪولاچي جي ميزباني هيٺ ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن شاعرن ادل سومرو، عبدالغفار تبسم، مانوارو اياز گُل، سميع بلوچ ۽ مانواري سائنڻ ماهين هيسباڻي پنهنجن بيتن ۽ وائين سان ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. ٻئي پاسي مٺل وقاصي ۽ آمريڪي سنڌياڻي سائنڻ ايملي هاز سنڌي ادب ۽ شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۽ سندس زندگي بابت تحقيقي ۽ مدبراڻا مقالا پڙهيا. ان موقعي تي ايملي هاز جو چوڻ هو ته سنڌ جي هڪ خاندان هُن کي هنج ورتو آهي ۽ تنهنڪري هوءَ سال جو  ڳچ عرصو سنڌ ۾ گذاري ٿي. سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن تي روشني وجهندي هن چيو ته سنڌ هڪ مهمان نواز ۽ تاريخي روايتن جي امين  ڌرتي آهي جنهن جو ڪو به مثال نه ٿو ڏئي سگهجي.

هر سال ٿيندڙ سانا جي هن ڪنوينشن جو هڪ مُک مقصد اهو به آهي ته هتي پيدا ٿيندڙ نئين نسل کي پنهنجي تهذيب، ثقافت، ٻولي، روايتن ۽ ريتن رسمن کان واقفيت ڪرائجي. انهيءَ ڪري ئيِ سانا مرڪز ۾ نوجوانن جي نمائندگي لاءِ هڪ نائب صدر جو عهدو مخصوص ڪيو ويو آهي. تنهن کانسواءِ 1999ع ۾ سانا جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر مظهر لاکي جي ڪوششن سان سانا جي ڇَٽيءَ هيٺ ئي نوجوانن لاءِ هڪ الڳ سنسٿا / منڊلي سنڌي يوٿ آف نارٿ آمريڪا جوڙِي وئي. جنهن ۾ اُتر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ شامل آهي. جن جي تهذيبي واڌ ويجهه لاءِ پڻ مختلف پروگرام رکيا ويندا آهن. هن ڀيري به ميلي جي ٽنهي ڏينهن تي الڳ الڳ ويهڪون ۽ منجهن چٽا ڀيٽي جا مقابلا پڻ ٿيا. ڪنوينشن جي پهرينءَ رات جو 8 کان  1 وڳي تائين هڪ ئي وقت مختلف هالن ۾ عورتن، نوجوانن ۽ ٻارڙن جي دلچسپيءَ جا پروگرام هلندا رهيا. جن ۾ موسيقي، ڊراما ۽ سنڌ جي مختلف ڪردارن تي سنڌي توڙي انگريزي ٻولي ۾ خاڪا پيش ڪيا ويا. نوجوانن جي همت، محنت ۽ ڪارڪردگي ڏسي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن کين موقعو ملي ته هوند (پروفيشنل) فنڪارن ۽ اداڪارن جي بخوبي برابري ڪري سگهن ٿا. سنڌيت جي هنن سفيرن جو پنهنجي ٻولي، تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت سان چاهه ۽ جستجو ڏسندي ويساهه پختو ٿيو پوي. جيئن سنڌ جي سريلي شاعر عبدالغفار تبسم چيو آهي

سنڌڙيءَ جي سرسبز وادين ۾ صدين جو ويساههُ،

پڳُ  پڳُ  ڏئيم  پساههُ،  اڄ  به  آئون  اُڪنڊڙو.

هن ميلي ۾ عورتن جو هڪ وڏو انگ ان ڪري به شامل ٿيندو آهي ته جيئن پرڏيهه ۾ رهي پنهنجين روايتن، ريتن، رسمن ۽ قدرن جو هر سال ورجاءُ ڪري سگهجي. ماءُ جي مٺڙي ٻولي ۾ ڪي گيت چئجن، سهرا ۽ لاڏا ڳائجن. يقين ڄاڻو ته ميلي جا اهي ٽيئي ڏينهن آمريڪا جو پنج تارو (Five Star) هوٽل ڄڻ ته سنڌ جي ڪنهن ترقي يافته شهر جو ڏيک ڏيندو هُجي. هر پاسي سنڌي مرد توڙي عورتون، ٻار توڙي ٻُڍا سنڌي ٽوپين، اجرڪن ۽ ڀرت ڀريل گجن سان پيا ٻهڪندا، مهڪندا ۽ جرڪندا وتن. عورتن جو هڪ وڏو انگ هزارين ميل پنڌ ڪري پاڻ سان گڏ جديد نموني جا ڀرت ڀريل سنڌي جوڙا، ٽوپيون، سڳيون، هار سينگار جو سامان ۽ مردن لاءِ اجرڪ جون ٺهيل واسڪوٽيون، ٽائيون ۽ بوٽائين جا وکر کڻي اچي اسٽال هڻديون آهن. ۽ شاعرن جي سرتاج ڀٽائي سائينءَ پٽاندڙ

هلو هلو ڪاڪ تڙِين، جتي نپجي نينهن،

نه ڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرينءَ کي

(پرينءَ مان مراد سانا  جو ميلو)

اڳواٽ طئي ڪيل سٽاءُ موجب ڪنوينشن جي ٻئي ڏينهن صبح جو سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ۽ سياسي ماڻهن گمشدگين خلاف احتجاجي مظاهري لاءِ سانا جي صدر محمد علي مهر جي اڳواڻي ۾ 300 کان مٿي مرد توڙي عورت سانا ميمبرن جوهڪ وڏو قافلو ڪيپيٽل هِل واشنگٽن ڊي سي ڏانهن روانو ٿيو. جتي  آمريڪي قانون ساز اسيمبلي ڪيپيٽل هِل آڏو ريلي ڪڍي زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سانا صدر محمد علي مهرخطاب ڪندي چيو ته هو سنڌ اندر ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ ۽ جبري گمشدگين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته دنيا جو ڪو به قانون ڪنهن شهري کي  کنڀي گُم ڪرڻ جي اجازت ڪو نه ٿو ڏئي. پاڪستان جي آئين موجب رياست پاڻ سمورن شهرين جي جان، مال ۽ سلامتين جي ذميوار آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو مٿان ڪو به ڪيس يا الزام آهي ته کيس مُلڪي عدالتن ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس هلايو وڃي. ان سان گڏ حڪومتي ادارن کان پُر زور مطالبو ڪن ٿا ته بنا دير سمورا کنڀيل ماڻهو آزاد ڪيا وڃن. مظاهري کي سانا جي سينيئر اڳواڻن عزيز ناريجي، ڊاڪٽر مظهر لاکي، وليد شيخ، اعجاز تُرڪ، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، فرحان سومري، سنڌ مان آيل انساني حقن جي عالمي تنظيم جي اڳواڻ ڪارڪن ڊاڪٽر بدر سومري، حافظ محمد صديق ميمڻ، ذاڪر بُلي، ارشاد عباسي، نورالنساءَ گهانگهرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جنهن نموني سون جي تعداد ۾ سنڌي مرد توڙي عورتون ديس جي دانهن بڻجي آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي جي روڊن تي نڪري وڏي واڪين پنهنجي ماروئڙن جي آواز سان آواز ملائڻ جو اعلان ڪيو. تن لاءِ ڀٽ ڌڻي سُر کاهوڙِي ۾ فرمايو آهي

مُون سي ڏِٺا، ماءُ ! جنين ڏِٺو پِرينءَ کي،

رَهِي اَچِجي راتِڙِي، تن جُنگنِ سَندِيءَ جاءِ،

تِنين جِي ساڃاءِ، تُرهَو ٿِئي تار ۾.

مظاهري کانپوءِ ٿر ڪول بابت تفصيلي ويهڪ ٿي جنهن م اينگرو جي اعليٰ عملدار CEO شمس الدين شيخ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن کانپوءِ هال ۾ موجود ميمبرن پنهجا خدشا ظاهر ڪيا ۽ اينگرو جي نمائندي سندن سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.

ساڳي ئي ڏينهنِ سنڌ جي تعليمي مسئلن ۽ انهن جي حل تي ويهڪ ٿي. جنهن ۾ آءِ بي اي (IBA) سکر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سائين نثار صديقي، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مانائتي فتح محمد برفت ۽ ٻين تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. جنهن کانپوءِ سنڌ جي تاريخي ماڳن خاص طور تي رني ڪوٽ بابت پروگرام ٿيو جنهن ۾ سنڌ مان ڪهي آيل تاريخي ماڳن جي فخر لائق ماهر اشتياق انصاري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.

شام ڌاري، سنڌ ۾ سسٽين ايبل سائنسز (Sustainable Sciences) يونيورسٽي نالي نئين يونيورسٽي جي ٺهڻ سميت مختلف موضوعن تي ويهڪون   ٿيون، جن ۾ لنڊن مان ڊاڪٽر فياض ميمڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر نظير ڏهرصاحب شريڪ ٿيا. پروفيسر فياض ميمڻ ڄاڻايل يونورسٽيءَ بابت پاڪستان سميت دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ڪم ڪندڙ تعليمي ماهرن جي صلاحن ۽ تبصرن تي ٻڌل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. تنهن کانپوءِ ترتيب موجب سانا جي خاص مهمان ناليواري سائنسدان ۽ انساني حقن جي علمبردار محترم پرويز هودڀائي پاڪستان جي خيال، ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ آڏو ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي خطاب ڪيو. جنهن تيِ کيس پنڊال مان زبردست موٽ ملي ۽ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿي ويو.

ڪنوينشن جي ٻيي رات جي آخر ۾ راڳ جي زبردست محفل ٿي جنهن ۾ سنڌ جي جڳ معروف ناليواري گلوڪارا صنم ماروي ۽ دادو کان ڪَهي آيل ڊاڪٽر منير عباسيءَ  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀرپور داد ماڻيو.

ٽئين ۽ آخري ڏينهن جي شروعات مختلف بيمارين بابت جاڳرتا جي حوالي سان رٿيل پروگرام سان ٿي جنهن ۾ آمريڪا توڙي سنڌ جي  ماهر ڊاڪٽرن مختلف بيمارين بابت ڄاڻ ڏني.

جنهن کانپوءِ  سانا جي مختلف منصوبن جهڙوڪ سنڌ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام Sindh Skills Development Program "SSDP”  بابت علي حسن ڀٽو ۽ سعودي عرب کان ڪَهي آيل غلام قادر ملاح، ڊاڪٽر فيروز احمد ميموريل ايجوڪيشنل "FAME Fund” ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اسڪالرشپ پروگرام تي مانواري  آغا ظفرصاحب انگن اکرن سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. جنهن موجب آءِ بي اي سکر جي 10 ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي 8 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سندن لياقت ۽ قابليت جي بنيادن تي اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي. انهن منجهان ئي آءِ بي اي سکر جي هڪ شاگردياڻي صبا خان پڻ خصوصي طور ڪَهي اچي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ جي تاريخ جي لازوال ڪردار شهيد الله بخش سومري جي زندگيءَ تي سندس مڃتائن عيوض جوڙيل اداري جي سربراهه ڊاڪٽر روفينا سومرو صاحبه تفصيلي روشني وڌي. هن پنهنجي  خطاب ۾  شهيد الله بخش سموري جي نالي سان شڪارپور ۾ يونيورسٽي ٺهرائڻ  جو اعلان پڻ ڪيو.

سانا ڪنوينشن جي آخري شام سانا جي هڪ ٻئي خاص مهمان نامياري دانشور ۽ قانوني ماهر شهاب اوستي سنڌ جي مجموعي صورتحال خاص طور تي زهريلي پاڻي ۽ پاڻي معاملي تي جوڙايل واٽر ڪميشن جي ڪاررواين ۽ ڪاميابين تي انگن اکرن سان رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب سنڌ جا لکين ماڻهو خطرناڪ بيمارين جي ور چڙهي چڪا آهن. پيپلز پارٽي حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته بدانتظامي، ڪرپشن ۽ لٽ مار سبب سنڌ سَنوارَ بجاءِ سئو سال پٺتي هلي وئي آهي. سنڌين کي هاڻي سجاڳي ڪري سنڌ جي مالڪي ڪرڻي پوندي. سندس تقرير ۽ ويڊيو رپورٽ کانپوءِ پنڊال ۾ موجود سمورن ميمبرن اُٿي بيهي کيس خراج پيش ڪيو. شهاب سائينءَ جهڙن ڪردارن لاءِ ئي ته سهڻي لطيف فرمايو آ

جَکرو جَس کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيراءِ،

جِيائين جُڙيو جَکرو، تِيائين نه ٻِيا،

مِٽِي تَنهِن ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايتِرِي.

34هين سانا ڪنوينشن جي عنوان سانا ويزن – 2028 بابت موجوده صدر محمد علي مهر جي ميزباني هيٺ پڻ ويهڪ ٿي. جنهن ۾ سانا جي اڳوڻن مهندار سرواڻن (Former Presidents) جن ۾ ڊاڪٽر مظهر لاکو، سني پنهور، خالد هاشماڻي، جميل دائودي، عزيز ناريجي ۽ وليد شيخ موضوع بابت مختلف خيالن جو اظهار ڪيو. جيڪڏهن 34 سال اڳ چند سنڌ دوستن جي جدوجهد سان وجود ۾ آيل سانا ڪُٽنب اڄ وڌيو ويجهيو آهي ته ان ۾ مٿين مهندار اڳواڻن جو رت ست شامل آهي. جيڪي اڄ به آڌيءَ مانجهي پنهنجي قوم لاءِ لُڇي سَڏُ ۾ سَڏُ ورنائيندا رهن ٿا. اهڙن مڙس مٿيرن لاءِ سنڌ جو قومي، عوامي ۽ انقلابي شاعر ابراهيم منشي چوي ٿو

هُو مانجھي هئا، ۽ وانجھي ھئا، سانجھي کان اڳ سِير مٿان،

تيز تکي طوفان منجھان سي، تارُو ٻيڙيون تاري ويا.

هر سال جِيان هن ڀيري به جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سانا جي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي سميت ٻين عهديدارن پنهنجي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس ۾ سانا جي اڳوڻن عهديدارن ۽ خود سانا خلاف مختلف ڪيس داخل ٿيڻ تي ميمبرن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جنرل باڊي ۾ ميمبرن جي اڪثريت سانا خلاف ڪيس داخل ڪندڙ فردن جي ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

جنرل باڊي کانپوءِ سانا جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل پاران ۱۱ نقاطي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو جنهن جو متن هيٺ پيش ڪجي ٿو.

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا اُتر آمريڪا ۾ آباد سنڌين جي نمائنده منڊلي يا سَٿُ آهي جنهن جي اڪثر ميمبرن جو واسطو سنڌ، پاڪستان سان هجڻ ڪري کين سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن تي ڳڻتي رهي ٿي .

سانا جا ميمبر سمجهن ٿا ته مُلڪ 1940 واري پاڪستان جي ٺهراءَ تي عمل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ ملڪ جي سڀني اِڪائين کي مڪمل خود مختياري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي ۽ ٺهراءَ تي عمل نه ٿيڻ سبب صوبن وچ ۾ اڻ برابري ۽ ناانصافي پيدا ٿي آهي جنهن عوام ۾ هڪٻئي لاءِ دشمنيءَ کي جنم ڏنو آهي.

سانا جي ميمبرن جو خيال آهي ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ جي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين سنڌ کي جائز سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ قومي حقن کان محروم رکيو ويو آهي

سانا جي ميمبرن جو خيال آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عام شهرين ۽ خاص طور تي هندو يا عيسائي برادري، عورتن ۽ اقليتن جي جان، مال ۽ ملڪيت جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويون آهن.

سياسي مخالفت جي بنياد تي وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سياسي ڪارڪنن کي غير قانوني طور گرفتار ڪرڻ،  کنڀي گُم ڪرڻ ۽ فرضي مقابلا ڄاڻائي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهن؛ سانا سمجهي ٿي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي.

نااهل، انتهائي ڪرپٽ، بدعنوان ۽ وڏيرا شاهي ذهنيتن سبب سنڌ تمام گهڻو ڀوڳيو آهي؛ جنهن ڪري ڪڏهن به  عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪي اثرائتا قدم ناهن کنيا ويا. سنڌ حڪوت اهڙيون پاليسيون جوڙڻ ۾ به ناڪام ٿي چُڪي آهي جنهن سان عوام اڳتي وڌي سگهي ۽ کين تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ميسر ٿي سگهن، ماڻهن جي روزگار جو بندوبست ٿي سگهي ۽ خوشحالي اچي.

سامهون آيل واقعن کي نظر ۾ رکندي سانا جا ميمبر ايندڙ عام چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪن ٿا.

مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي

 

آئين ۾ ترميم ڪري 1940 واري ٺهراءُ تي عمل ڪرايو وڃي.

پاڪستان جي اعليٰ ايوانن کان گهر ٿي ڪري ته سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

سنڌ حڪومت کي نياڻين جي تعليم لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺڻ کپن.

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي عورتن جي سڀني حقن جي حفاظت ڪرڻ کپي، انهن کي برابر جو شهري سمجهڻ کپي ۽ کين مڪمل قانوني تحفظ ڏنو وڃي.

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هندو برادريءَ جي ماڻهن ۽ اقليتن جي حقن جي مڪمل حفاظت ڪرڻ کپي؛ هندو نياڻين جي جبري اغوا ۽ زوري مذهب مٽائڻ خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ مان هندن جي زبردستي لڏ پلاڻ وارو عمل بند ڪرايو وڃي.

سانا صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان گهر ڪري ٿي ته غير قانوني قدم ذريعي سياسي مخالفن کي اسان ڪرڻ، انهن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، زوري کنڀي گُم ڪرڻ ۽ فرضي مقابلا ڏيکاري قتل ڪرڻ بند ڪيا وڃن؛ جبري طور کنڀي گُم ڪيل سمورا ماڻهو بنا دير آزاد ڪيا وڃن يا جيڪڏهن مٿن ڪو ڪيس آهي ته کين ظاهر ڪري کليل عدالتن ۾ ڪيس هلايو وڃي؛

پاڪستان ۾ مذهبي، فرقيواريت ۽ نسل پرستي جي بنياد تي تشدد ۽ دهشتگردي جي مذمت ڪجي ٿي.

تشدد ۽ دهشتگردي ۾ ملوث سمورن فردن، جماعتن ۽ گروهن خلاف بنا فرق جي سخت قدم کنيا وڃن، ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.

رشوت، ڪرپشن، اقرباپروري ۽ بدعنواني ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

حڪومت کي ماڻهن جي ڀلائي، خوشحالي ۽ روزگار مهيا ڪرڻ، واپار، صنعتن، تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقيءَ لاءِ هنگامي بنيادن تي اُپاءَ ورتا وڃن.

سانا صوبائي ۽ وفاقي اليڪشن ڪميشن تي چونڊ عمل صاف شفاف بڻائڻ ۽ صوبائي توڙي وفاقي نگران حڪومتن تي انتظام بهتر ڪرڻ ۽ پُر امن ماحول ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

عالمي ميلي جي آخري رات واري ماني "Annual banquet” کانپوءِ تازو ئي آمريڪا ۾ مقرر ٿيل سنڌ ڄائي پاڪستاني سفيرعلي جهانگير صديقي کي اسٽيج تي گهرائي کيس اجرڪ اوڍائي سنڌي ٽوپي پارائي وئي. جنهن کانپوءِ سانا جي مرڪزي صدر محمد علي مهر، خالد ميمڻ، محي الدين مورائي، ارشاد عباسي، وشنو اڪراڻي، حسنين شيخ، ذاڪر بُلو، ممتاز لانگاهه ۽ ڪومل ڀٽو پاران ڪنوينشن جي روح روان ۽ لوڪل آرگنائيزر ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر حفيظ عباسي، زاهد شيخ، جهانزيب ميمڻ، آصف ٽالپر ۽ سموري رضاڪار سٿ کي اسٽيج تي گهرائي شاندار انتظام ڪرڻ تي کين مڃتا پيش ڪئي وئي.

راڳ ويراڳ، جُهمريون ۽ موسيقي سنڌ جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت جا اهم جُز آهن. سانا جي روايتن ۽ روح جي تازگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ هن ڀيري به ميلي ۾ جڳ مشهور سريلا  ڪلاڪار گهرايا ويا، جن ۾ سيف سميجو، صنم ماروي، ڊاڪٽر منير عباسي ۽ استاد رجب علي لنڊن کان پهچي هڪ وڏي عرصي کانپوءِ سانا جي سالياني ميڙاڪي کي مانُ بخشيو. محفل ۾ رات دير تائين  ڪلاڪارن پنهنجا سُر وکيريا ۽ داد ماڻيو. ۽ ايئن سومر جي ڏينهن 9 جولاءِ تي صبح جو انڊلٺي رنگن سان ڀرپور سانا جو 34هون ساليانو ميڙاڪو ٽهڪن ۽ اڳي کان اڳري جي اميدن ۽ نهايت آسائتن جذبن سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَنور ڀري آڪاس،

ٻِنين سندي ڳالَهڙِي، رازِق آندي راسِ،

تَنهن عشق کي شاباسِ، جنهن محبتي ميڙيا. (ڀٽ ڌڻي)

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے