16 جمعہ , نومبر 2018

موري کان مڪتيشور

اسحاق سومرو

سنڌ ۽ هند جو سفر نامو، موري شهر جي عالم گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر قاضي سليمان مورائي (1965-1902) جي زندگي جو احوال ۽ سندس تعليم، نوڪري دوران سنڌ ۽ اڄ جي هندستان جي سفر جو دلچسپ احوال لکيل آهي. هيءُ ڪتاب هڪ سو سالن کان به وڌيڪ عرصي جي احوال تي ٻڌل آهي. مصنف جو ڄم اڄ کان هڪ سو 16 سال اڳ موري جي شهر ۾ ٿيو، پاڻ ابتدائي تعليم موري ۽ بعد ۾ نوشهري جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. 1923 ۾ بمبئي جي وٽنري ڪاليج مان گريجوئيشن پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مال جو ڊاڪٽر رهيو. سندس پهريون مقرري ڪراچيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان جي ڀرسان بندروڊ جي اسپتال ۾ ٿي. هن ڪتاب ۾ قاضي صاحب جتي به رهيو اتي جو احوال ۽ تنهن وقت ۾ مختلف اخبارن ۾ لکيل پرورش حيوانيات، جانورن جون بيماريون ۽ انهن جو علاج  وارا مضمون پڻ شامل آهن.

ڪتاب ۾ سنڌ ۾ پراڻا دڙا ۽ عبرت جو نشان، هند ۽ سنڌ جي مسجدن، قبن ۽ ٻين تاريخي جڳهين، درگاهن، توڙي ان وقت ۾ ٿيل سنڌ ۾ تاريخي واقعن خاص طور تي 1918 ۾ انفلوئنزا جي بيماري جا راڱا، 1927 ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ زبردست برسات، 1939 ۽ 1948 ۾ ٿر جي ڏڪار، 1947 ۾ پاڪستان جو قيام ۽ هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ جو احوال پڻ ڪتاب ۾ ملي ٿو. پاڻ 1948 ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينيمل اپر سنڌ (سکر) ۾ رهيا.

پاڻ هن سوانح حيات واري ڪتاب ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملازمت بدليون، دوستيون توڙي سماجي لاڳاپن تي به تفصيل سان لکيو آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ سئو کان وڌيڪ شهرن ڳوٺن توڙي ان وقت جي ناميارن شخصيتن جو ذڪر پڻ ڪيل آهي. جنهن ۾ سندس ملازمت وارا شهر ڪراچي، سکر، ماتلي، ميرپورخاص، جيمس آباد، ميهڙ، نوشهروفيروز شامل آهن.

قاضي صاحب هندستان جي پوسٽ گريجوئيٽ انسٽيٽيوٽ مڪتيشور مان وٽرنريءَ ۾ اعلي تعليم حاصل ڪئي. مڪتيشور جو هي انسٽيٽيوٽ سمنڊ جي سطح کان 7800 فوٽن جي اوچائي تي آهي، انسٽيٽيوٽ 18 ميلن ۽ 3500 ايڪڙن تي مشتمل هو.

قاضي سليمان صاحب انکانسواءِ پنهنجي تعليم لاءِ بريلي، آگرهه ۽ سڪندريه جي تاريخي شهر جي سير جو احوال پڻ ڪتاب ۾ تمام سادي نموني سان لکيو  آهي.

قاضي صاحب پنهنجي هن ڪتاب  ۾ ڪيل سفر متعلق ڪافي تاريخي ڳالهيون لکيون آهن.

هن لکيو آهي ته آءُ ارباب مير خان نوهڙي سان گڏ ڏيپلي کان ٿي رحمڪي بازار کان ٽي ميل هيٺ طرف وڳهه ڪوٽ آياسين جيڪو هڪ ڦٽل ڪوٽ هو. جيڪو سومرن بادشاهن جي وقت جو ڪوٽ هو. ڪوٽ جون ڀتيون فقط گوڏي جيڏيون هيون ڪوٽ سمنڊ جي ڪناري تي هو. جتان سمنڊ ڇڏي جيڪو هو ۽ رڃ لڳي پئي هئي. ياد رهي ته وڳهه ڪوٽ سومرن جي دور جو گاديءَ جو هنڌ هو. جيڪو اڄ رام سر ابڙا- ڪڇ ڀڄ گجرات ۾ آهي.

قاضي صاحب 1920 ۾ موري کان حيدرآباد ۽ پوءِ ريل رستي پڙهڻ لاءِ بمبئي جو احوال به تمام دلچسپ ۽ ڄاڻ ڏيڻ وارو لکيو آهي. هي ڪتاب هڪ سو سال پراڻي دور جي ڪٿا ۽ دلچسپ واقعن تي لکيل آهي.

قاضي سليمان صاحب ڪتاب ۾ سندس زندگيءَ جي چئن شين کي نمايان طور تي بيان ڪيو آهي.

غريب شاگردن کي اسڪالرشپون ڏياري وڌيڪ تعليم ڏيارڻ ۽ کين روزگار سان لڳائڻ.

شاديون ڪرائڻ (خاندان ۽ ٻاهر) پنهنجي وطن مٽي ماءُ سان محبت ڪرڻ، سنڌ ۽ هند جي قابل تعريف شهرن ۽ اڏاوتن جو سير سفر ڪرڻ.

قاضي صاحب سيڪنڊري تعليم نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ ماهوار ساڍا ٻارنهن روپيا اسڪالرشپ تي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ گورنمينٽ وٽرنري ڪاليج بمبئي مان وٽرنري سائنس ۾ گريجئويشن ڪيائين. جتي کيس ماهوار 45 روپيا اسڪالرشپ ملندي هئي. جتي پاڻ سخت محنت ڪيائين، کيس (23- 1920) تائين فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻڻ تي 4 ميڊل پڻ مليا. بمبئي ڪاليج ۾ کيس ”سليمان سنڌيءَ“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.

1923 ۾ کيس رچمن ڪريفورڊ وٽرنري هاسپٽل Richmonal crawforad veterinary Hospital    ڪراچي ۾ هڪ سو روپيه پگهار تي وٽرنري سرجن مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾ هن ڪيترن ئي ماڻهن کي ملازمتون وٺي ڏنيون جن جا نالا پڻ ڪتاب ۾ ڏنل آهن.

1944 ۾ جيڪب آباد ۾ وٽرنري اسسٽنٽ سرجن بنيو. سکر ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر اينيمل هسبنڊري اپر سنڌ رهيو.

کيس نوڪريءَ دوران سڄي سنڌ گهمڻ جو موقعو مليو جن کي قلمبند ڪيائين. پاڻ خلافت تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتائين، 1920 ۾ حيدرآباد ۾ خلافت تحريڪ ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿيو هو.

قاضي صاحب 13 جنوري 1958 تي رٽائرڊ ٿيو، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ فيبروري 1958 ۾ ڳوٺ سڌار کاتي پاران VAT  انسٽيٽيوٽ ٽنڊوڄام ۾ جانورن جي طب پڙهائڻ تي مقرر ٿيا. بعد ۾ موري ۾ اچي پنهنجي خانگي اسپتال کوليائون. پاڻ 80 صفحن تي ٻڌل ڊائرين، ”ٿر جو گشت“ يعني ٿر جو سفرنامو، مڪتيشور (بريليءَ) کان لاهور تائين جو سفرنامو پڻ لکيائين. پاڻ شعروشاعري پڻ ڪندا هئا. ڪراچي جو پهريون مسلمان ميئر قاضي خدا بخش مورائي سندس سڳو سوٽ هو. قاضي سليمان صاحب هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته سندس شادي موري جي ميمڻ خاندان مان ٿي ۽ سندس وفات 20 فيبروري 1944 برين هيمرج ٿيڻ جي ڪري ٿي. مٿس برين هيمرج جو حملو ڪورٽ ۾ ڪيس هلائيندي ٿيو هو.

قاضي سليمان جو هي هڪ سو سال لکيل پراڻو ڪتاب سندس لائق فرزند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪ ۽ دانشور قاضي فضل سليمان ۽ قاضي منظور الحق سيهڙي ڇپايو آهي. قاضي سليمان جا ٻيا فرزند مرحوم سراج الحق، سنڌ جو چيف اڪنامسٽ رهيو. بيريسٽر مظهر ايس قاضي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ وزيراعلي سنڌ جو پريس سيڪريٽري رهيو. سندس ٻيو فرزند قاضي عبدالحق جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي سانگهڙ ۾ ڪيل حملي دوران اڳيان اچي سندس جان بچائي هئي. جيڪي پڻ پنهنجي اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي وڏن منصبن تي رهيا. قاضي سليمان ڇهين جون 1968 تي 66 ورهين جي ڄمار ۾ موري ۾ وفات ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے