16 جمعہ , نومبر 2018

ڪينسر جي شعبي ۾ سنڌ جي پهرين گولڊ ميڊلسٽ پروفيسر ڊاڪٽر نورمحمد سومرو سان ڳالهه ٻولهه

انٽرويو سارنگ منير سومرو

ڪينسر جي شعبي ۾ سنڌ جي پهرين گولڊ ميڊلسٽ، آمريڪن سوسائٽي آف ڪلينڪ جي ميمبر، ڊائريڪٽر جنرل ڪينسر پروجيڪٽ سنڌ ۽ ڪراچي سول اسپتال جي ڪينسر وارڊ جي هيڊ آف پروفيسر ڊاڪٽر نورمحمد سومري عوامي آواز سنڊي ميگزين کي خاص انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ننڍپڻ تمام سادي نموني گذريو ننڍڙي هوندي راندين جو شوق گهٽ پر پڙهڻ جو وڌيڪ هوندو هو، مان 1964 ۾شڪارپور ۾ جنم ورتو،شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ ڊائو ميڊيڪل يونورسٽيءَ مان ايم بي بي ايس ڪئي مون مٿان امڙ جي دعا ۽ بابا جي محبت هميشا ڇانوَ طور رهي، بابا ۽ امڙ جو خواب هو ته مان ڪنهن منزل تي پهچي غريبن جي خدمت ڪيان. اڄ جڏهن غريبن جي خدمت ڪندو آهيان ته بابا ۽ امان جي شفقت ياد ايندي آهي جن هميشا مونکي محنت ۽ غريبن جي خدمت لاءِ اتساهه ڏنو.

پروفيسر ڊاڪٽر نورمحمد سومري ڪينسر جي مرض بابت چيو ته سڄي دنيا ۾ سال اندر 70 ملين رت جي ڪينسر جا مريض پيدا ٿين ٿا. پاڪستان ۾ ڪنيسر جي مرض ۾ تمام تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي آهي، ڪينسر جي مرض ۾ خطرناڪ واڌ سڄي ملڪ ۽ حڪمرانن لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ڪينسر جو مرض بخار ۽ زڪام جيان وڌي ويندو. هن چيو ته ڪينسر کي سنڌيءَ ۾ ڪڪڙا چيو وڃي ٿو جيڪو لفظ نه هجڻ جيترو استعمال ٿئي ٿو.

ڪينسر ڇا مان ٿيڻ واري سوال جي جواب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد سومري چيو ته اصولي طور اڄ تائين ڪا به تحقيق واضع طور ٻڌائي نه سگهي آهي ته ڪينسر ڇا مان ٿئي ٿو، پر دنيا جي ڪجهه ماهر ڊاڪٽرن موجب ڪينسر گدلاڻ معنيٰ هوا ۾ ڪيميڪل جي تعداد ۾ وڌيڪ مقدار، ڊيزل يا فيونسر يا ٽائر جيڪي روڊن تي هلن ٿا، ڪيميڪل انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن يا گدلي  پاڻيءَ ۾ پوکيل خوراڪ جي استعمال جي ڪري ڪينسر ٿيڻ جا سبب پيدا ٿين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ته ورزش نه ڪرڻ جي ڪري تمباڪو نوشي استعمال ڪرڻ جي ڪري ۽ گُٽڪا پان استعمال ڪرڻ جي ڪري به ڪينسر ٿئي ٿي،  جڏهن ته ڪجهه ڪينسر جي سرجن جي تحقيق موجب ڪينسر نسوار جي استعمال، هوٽل جي کاڌن، فاسٽ فوڊ يا فرج ۾ رکيل کاڌن جي ڪري به ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر نورمحمد سومري ڪينسر جي روڪ ٿام ۽ احتياط جي حوالي سان چيو ته ڪينسر کي ٽن عملن سان روڪي سگهجي ٿو

1 روزانو پنجويهه کان ٽيهه منٽ باقاعدگيءَ سان ورزش

2، تمباڪو نوشيءَ کان پرهيز

3 سبزين جو سڀ کان وڌيڪ استعمال

هن چيو ته هي اهي عمل آهن جيڪي ڪينسر جي وڌندڙ مرض کي روڪي سگهن ٿا،

ڪينسر جي مريض جو جلدي علاج ٿيڻ ئي بچاءُ جو واحد حل آهي،  ڪينسر دير سان علاج ٿيڻ سبب وڌي وڃي ٿي ته پوءِ ڪينسر علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ علاج ڪرائيندڙ مريض لاءِ امتحان آهي. انهيءَ امتحان کان بچڻ لاءِ ڪينسرجي ڪا به علامت نظر اچڻ سان ئي جيڪڏهن اسان سٺي نموني علاج ڪرائينداسين ته اسان جو ڪينسر ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي، ڪينسر جي مريضن جي نه بچڻ جو هڪ ئي وڏو سبب آهي ته مريض بهترين علاج واري اداري ۾ ئي آخري اسٽيج تي پهچي ٿو جنهن سبب هن جو بچڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن ڪينسر جو هر مريض شروع کان ئي بهترين سينٽر تان علاج ڪرائي ته هو ڪينسر جهڙي موضي مرض مان سولائي سان جان ڇڏائي سگهي ٿو، پروفيسر نور محمد سومرو چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪينسر عورتن ۾(بريسٽ ڪينسر) ڏٺي وئي آهي جيڪا تمام گهڻي ٿئي ٿي جڏهن ته ان کانپوءِ مردن کي زبان، ڳلي ۽ هڏيءَ ۾ ڏٺي وئي آهي، جيڪا ڪينسر وڌيڪ ٿئي ٿي، هن چيو ته 7 عورتن مان هڪ عورت کي سيني جي ڪينسر ٿئي ٿي، اسان جي معاشري ۾ ڄاڻ جي ڪمي آهي جيڪڏهن اسان ڪينسر بابت عوام کي ڄاڻ ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃون، کين سجاڳي ڏيڻ ۾ اڳتي هجون ته ڪينسر جو گهڻو بچاءُ ٿي سگهي ٿو پر اسان وٽ ڄاڻ زيرو آهي. هن ملڪ ۾ ڪو به اهڙو ادارو نه آهي اهڙي به ڪا اين جي اوز ناهي، جيڪا اهڙي خطرناڪ مرض بابت عوام کي آگاهي ڏئي ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪري، عوام کي ٻڌائي ته ڪينسر ڇو ٿي رهي آهي ڪينسر جو بچاءُ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو يا ڪينسر ٿي وڃي ته هڪ دم علاج ڪيئن ڪرائي سگهجي ٿو جيڪڏهن اسان عوام ۾ڪينسر بابت سجاڳي پيدا ڪيون ته مان يقين سان چوان ٿو ته ڪينسر جو اڌ مرض گهٽجي ويندو.

هن چيو اڄ آءُ جنهن ڪينسر جي اداري کي سول اسپتال ڪراچيءَ مان هلائي رهيو آهيان اهو سنڌ جو واحد ادارو آهي جيڪو حڪومت جي سهڪار سان گهٽ پر رحم دل انسانن جي رحم ڪرم تي وڌيڪ هلي رهيوآهي. مان شڪر گزار آهيان پروفيسر سعيد احمد قريشيءَجو جنهن جي همت ۽ مدد سان هي ادارو پيرن تي بيهي وري هاڻي هزارين مريضن کي شفا ڏئي رهيو آهي، هي واحد ادارو آهي جتي لکين رپين جون دوائون مريضن کي مفت ڏيون ٿا ۽ مريضن جو عزت ۽ احترام سان 24 ڪلاڪ علاج ٿئي ٿو، اسان جو هي ادارو خيراتي آهي جنهن کي ڪجهه فرشتا هلائن پيا. سرڪار جي مدد تمام ناڪافي آهي. جيڪڏهن سرڪار اک پٽي ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو پر سرڪاري سطح تي اهڙي ڪا به سرپرستي نه آهي جنهن سان ملڪ جي خطرناڪ مرض ڪينسر کي منهن ڏئي سگهجي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سرڪار کي هن مرض بابت وڏي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي ۽ ههڙن ادارن کي اڳتي آڻڻ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پر اهو نظر نٿو اچي. سڄي سنڌ جي صحت کاتي ۾ ڪٿي به ڪينسر جو ٽريٽمينٽ سينٽر نه آهي جنهن ڪري اڌ مريض علاج نه ٿيڻ سبب ئي مري وڃن ٿا. ڪجهه سال اڳ اڳوڻي گورنر عشرت العباد ڪينسر جي علاج لاءِ ٽاسڪ فورس سينٽر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو پر افسوس ته اهو اعلان ئي رهجي ويو جنهن تي عمل نه ٿي سگهيو دنيا جي اهڙي خطرناڪ مرض تي رياست پاران اهڙي ڪن لاٽار مان سمجهي سگهجي ٿو ته حڪومت ڪيتري سنجيده آهي.

ڪينسر جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽرنورمحمد سومري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سرڪاري سطح تي ضلعي ليول تي.ڪينسر جا سينٽر قائم ڪيا وڃن ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. انهيءَ مان عام ماڻهون کي جلدي فائدو پهچندو ۽ ڪينسر جي مرض تي ڪنٽرول ٿيڻ جو امڪان نظر ايندو، اسان وٽ هر سجاڳيءَ جو ڪم اين جي اوز سياسي سماجي تنظيمون ۽ حڪومتون ڪن ٿيون پر ڪينسر جهڙي خطرناڪ مرض بابت آگاهي ڏيڻ ۾ ڪو به اڳتي نٿو اچي. جيڪڏهن اسان جون سياسي سماجي تنظيمون ۽ اين جي اوز يوسي سطع تي ڪينسر خلاف آگاهي مهم هلائن ته ڪينسر کي گهڻو ختم ڪري سگهجي ٿو. ڪينسر ۾ وڌ ۾ وڌ کوٽ آگاهي مهم ۽ حڪومتي سجاڳيءَ جي آهي جيڪڏهن عوام ۾ ڀرپور آگاهي مهم هلي ۽ حڪومت سجاڳ ٿي انهيءَ موذي مرض خلاف جوڳا قدم کڻي ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ڪينسر جي موذي مرض ۾مرندڙ مريضن جو اصل سبب حڪومتي سرپرستي نه هجڻ ۽ مريض کي دير سان اسپتالن ڏانهن کڻي اچڻ مان ٿئي ٿو. سول اسپتال ڪراچيءَ وارو ڪينسر جو شعبو سڄي ملڪ جي ڪينسر مريضن جي سهارو آهي. خاص ڪري هي سنڌ جو واحد سينٽر آهي جنهن ۾ سڄي سنڌ جا مريض اچن ٿا. مان الله پاڪ جو احسان مند آهيان جو مون اڄ هي خيراتي ادارو سنڌ جي ڪجهه انسان دوستن جي مدد ۽ سهڪار سان پنهجن پيرن تي بيهاريو آهي. مونکي ياد آهي ايم ڪيو ايم جي دور ۾ هن اداري مٿان سختيون آيون، اداري مٿان حملا ڪيا ويا، پارٽي باز، ڀتي خورن هر سطح تي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر سطح تي اسان اداري کي پيرن تي بيهارڻ جون قربانيون ڏنيون، ۽ اڄ بلڪل مطمعن آهيان ته هي ادارو هاڻي مضبوط آهي ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺو آهي. ڊاڪٽر نورمحمد سومري وڌيڪ چيو ته مان پروفيسر سعيد احمد ۽ انهن نيڪ ماڻهن جو دلي ٿورائتو آهيان جن هن اداري سان جاني ۽ مالي مدد ڪري هن اداري کي اهڙي قابل بڻايو جو اڄ هي ادارو هزارين مريض ڏسي ٿو ۽ هزارين مريض هن مان شفا ۽ فائدو حاصل ڪن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے