22 پیر , اکتوبر 2018

کوسڪي ۾ انور مجيد جي شگر ملز تي ڇاپو، 4 ڄڻا گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار انور مجيد جي شگر ملز تي ڇاپو هڻي رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ۽ شگر ملز جا سمورا در بند ڪري ڇڏيا. نيب، ايف آءِ اي ۽ رينجرز کوسڪي ٽائون ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار انور مجيد جي شگر ملز تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران سنڌ بئنڪ جو عملو به موجود هو. نيب جون 2 ۽ رينجرز جون 7 گاڏيون شگر ملز پهتيون. ايف آءِ اي شگر ملز جا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ ايف آءِ اي اختيارين کوسڪي شگر ملز جو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو. ان موقعي تي رڪارڊ روم جي چوڌاري اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ ڪنهن کي ويجهو اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ڇاپي ۾ ملز جي آءِ ٽي انچارج عبدالرشيد آرائين، اڪائونٽنٽ افتخار محمد، ايڊمن آفسر سوڍل رند ۽ انجينئر جاويد کي گرفتار ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے