16 جمعہ , نومبر 2018

افغانستان ۾ آپگهاتي ڌماڪا، چڪرين ۾ 38 ڄڻا مارجي ويا

Operational bombs in Afghanistan, in the streets, killed 38 peopleڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۽ چڪرين جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران آپگهاتي حملن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. افغان اختيارين موجب آپگهاتي حملو الڪيشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران ان وقت ڪيو ويو جڏهن اتي احتجاج جاري هو. اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته آپگهاتي بمبار حملي ۾ احتجاج ڪندڙن کي نشانو بڻايو جيڪي احتجاج وقت ٽينٽ ۾ موجود هئا. صوبائي گورنر جي ترجمان حملي ۾ 2 ڄڻن جي مارجڻ جي ۽ 4 ڄڻن زخمي هئڻ جي تصديق ڪئي. ڌماڪي ايترو زوردار  هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو . جلال آباد جي گورنر جي ترجمان آيت الله خفياني جو چوڻ آهي ڌماڪو صبح 11 هين وڳي ٿيو، ڌماڪي وقت اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران احتجاج ڪندڙن جو وڏو انگ موجود هو جيڪي پنهنجن اميدوارن جي حق ۾ مظاهرو ڪري رهيا هئا جن جا نامزدگي فارم دهشتگردن سان سهڪار ڪرڻ جي الزام ۾ رد ڪيا ويا هئا. خابرو ادري موجب افغان فوج جي اتر واري صوبي فارياب ۾ ڪاروائي دوران 33 ويڙهاڪ مارجي ويا. افغان فوج بابت لاڳاپيل ڪور جي ترجمان حنيف ريضائي ٻڌايو ته  افغان نيشنل آرمي صوبائي گادي واري شهر ميامانا جي ڏاکڻي ضلعي ڪوهستان ۾ ايئرفورس جي مدد سان آپريشن ڪيو جنهن دوران مارجي ويل ويڙهاڪن ۾ طالبان جا ٻه ڪمانڊر پڻ شامل آهن. انکانسواءِ افغانستان جي صوبي غزني ۽ لغمان ۾ پڻ سيڪيورٽي فورسز ۽ ويڙهاڪن ۾ چڪريون جاري آهن. رپورٽ موجب طالبان افغانستان ۾ سيڪيورٽي فروسز تي حملن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان افغانستان ۾ تشدد جا واقعا وڌي ويا آهن. واضح رهي ته طالبان عيد جي موقعي تي پڻ افغان حڪومت جي جنگبندي واري اپيل رد ڪري ڇڏي هئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے