15 جمعرات , نومبر 2018

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري.گرين شرٽس جي ٽاپ پوزيشن کي لهر نه لوڏو

Do not touch the top position of ICC TC Racing Risingدبئي(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستاني پوزيشن لاڳيتو خطري کان ٻاهر آهي. ٽيم رينڪنگ ۾ پڻ پاڪستان جي ٽاپ پوزيشن في الحال کان ٻاهر آهي، گرين شرٽس جي ٻئي پوزيشن رکندڙ ڀارتي ٽيم تي 8 پوائنٽن جي برتري حاصل آهي، آسٽريليا ٽئين، انگلينڊ چوٿين، نيوزيلينڊ پنجين، ڏکڻ آفريڪا ڇهين ۽ ويسٽ انڊيز ستين نمبر تي آهي، افعانستان جي ٽيم اٺين پوزيشن تي موجود آهي، سريلنڪا جو نائون ۽ بنگلاديش ڏهين نمبر تي آهي. بالرن ۾ لاڳيتو افغاني ليگ اسپنر راشد خان جو ٽاپ پوزيشن تي قبضو برقرار آهي، جڏهن ته شاداب خان ٻئين نمبر تي آهي. آئرلينڊ خلاف افعان ٽيم جي سريز ۾ 2-0 جي ڪاميابي بعد جاري ٿيندڙ رينڪنگ ۾ رانديگرن جي ٽاپ پوزيشن ۾ ڪا به ڦير ڦار ڏسڻ ۾ ناهي آهي جتي ٽاپ 20 ٻيو پاڪستان عامر آهي جيڪو 13 هين پوزيشن تي موجود آهي. اهڙي طرح بيٽسمينن ۾ آسٽريليا جي ايرون فنچ جي پهرين پوزيشن آهي جڏهن ته پاڪستان جي فخر زمان جو ٻيون ۽ بابر اعظم پنجين نمبر تي موجود آهي. افعانستان جو هارڊ هٽر حضرت الله زازائي ڪيريئر بيسٽ 514 پوائنٽن جي صورت ۾ حاصل ڪيو جنهن جي مدد سان هو بيٽسمين رينڪنگ ۾ 39 هين نمبر تي پهچي ويو آهي جتي محمد شهزاد لاڳيتو ٽاپ افغاني پليئر آهي جيڪو 647 پوائنٽن سان گڏ 13 هين نمبر تي موجود آهي. بالرن ۾ مجيب الرحمان سڀ کان وڌيڪ 25 درجا پار ڪندي 38 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے