20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي : پوليس اهلڪارن پاران دڪاندار تي تشدد ۽ ڦرلٽ خلاف دڪاندارن جو احتجاج

Kotri: Police workers victimized shopkeeper and stole everything from shop*ڪوٽڙي ۾هرڻ چوڪ تي پوليس اهلڪارن پاران دڪاندار  تي تشدد ۽ ڦرلٽ خلاف دڪاندارن احتجاج ڪيو.

بسم الله دڪان تي فرحان جوڻيجو مٿان پوليس لائين ڄامشورو جي اهلڪارن تشدد ڪيو .

پوليس اهلڪارن دڪاندار کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد موبائل فون ۽ دڪان ۾ موجود 20 هزار رقم کڻي فرار ٿي ويا.

ٻئي پاسي دڪاندار فرحان جوڻيجو  الزام هنيو ته  اھلڪار غنڊا گردي ڪري  ڦر لٽ ڪئي پر ايس ايس پي ڄامشورو ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي .

دڪاندار مطالبو ڪيو آهي ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري سندس رقم واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے