19 پیر , نومبر 2018

فواد گهرواري سان گڏ حج ڪري ورتو، پڄاڻي واري تقريب ۾ پاڪستاني جي نمائندگي ڪئي

Fawad took Hajj along with the family, represented Pakistan in the inaugural ceremonyرياض(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فواد ۽ سندس گهرواري هلندڙ سال نه رڳو حج جي سعادت حاصل ڪئي پر حج جي پڄاڻي واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب پاڪستاني اداڪار فواد خان ۽ سندس گهرواري صدف ڪنول هلندڙ سال حج جي سعادت حاصل ڪئي، ان کانسواءِ فواد خان سعودي حڪومت طرفان ڪوٺايل حج جي پڄاڻي واري تقريب ۾ نه رڳو شرڪت ڪئي ته پر پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي. حج جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي فواد خان جو چوڻ هو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني حاجين جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ  اعزاز آهي، اهو منهنجو پهريون حج هو ۽ مان تمام گهڻو خوش آهيان.سندس چوڻ هو ته حاجي سڳورن جي لاءِ سعودي حڪومت طرفان بهترين انتظام ڏسي ڪافي متاثر ٿيو آهيان. فواد خان حج دوران حاجي سڳورن جو خيال رکڻ تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ فواد خان ڪامياب حج جو انعقاد ڪرائڻ تي خادم حرمين والشرفين شاهه سلمان کي وڌايون پيش ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے