17 ہفتہ , نومبر 2018

وقت جو قدر ڪندڙ ماڻهو سدائين ڪامياب ٿيندا آهن: نيلم منير

People appreciating time are always successful: Neelam Munirلاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير چيو آهي ته جيڪي ماڻهو وقت جو قدر ڪندا آهن، اهي سدائين ڪامياب ٿيندا آهن ڇاڪاڻ جو جڏهن وقت بدلجندو آهي ته پوءِ سڀ معاملا پنهنجو پاڻ سڌ ٿي ويندا آهن. نيلم منير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏٺو وڃي ته هن وقت فلم انڊسٽري ۾ ڪو نئون چهرو ڏيڻ ۾ ٽيلي ويزن جي فنڪارن ۽ نئين نسل جي هدايتڪارن غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو آهي، پر ان باوجود به سينيئر فنڪارن جي ساٿ کانسواءِ پاڪستان فلم انڊسٽري وڌيڪ ڊگهو سفر طئي نٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ جو اهي سينيئر فنڪار ئي هئا جن ڪيترن ئي يادگار فلمن ۾ خوبصورت ڪردار ادا ڪيا ۽ انهن کي نه يادگار بڻائي ڇڏيو. اداڪارا چيو ته هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فلم ۽ ٽي وي جي ميڊيم ۾ ڪم ڪندڙ فنڪارن کي ورهائڻ بجاءِ جيڪڏهن رڳو پاڪستاني سمجهو وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. ماضي  جي ڳالهه ڪيون ته ٽيلي ويزن جي فنڪارن فلم انڊسٽري کي سدائين پنهنجي شاندار ڪاڪردگي ذريعي مشهوري ڏياري. جيڪڏهن مستقبل ۾ ترقي جي ڳالهه ڪيون ته ان ۾ پڻ ٽيلي ويزن جي فنڪارن جي ڪارڪردگي ڪافي نمايان آهي. نيلم منير چيوته اداڪارا طور به سلور اسڪرين تي جوهري ڏيکاري چڪي آهيان، پر منهنجي اصل سڃاڻپ ٽي وي کان ئي آهي، ان لاءِ مستقبل ۾ جتي سلور اسڪرين تي ڪم ڪندي نظر اينديس، اتي ٽي وي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري جو سلسلو جاري رهندو. ڇاڪاڻ جو مان پاڻ کي هڪ ميڊيم تائين محدود نٿي رکڻ چاهيان. مان هڪ فنڪار آهيان ۽ جتي مونکي بهتر ۽ منفرد ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو، مان پنهنجي صلاحيتن جا جوهري ڏيکارينديس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے