20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي : پوليس پاران مقابلي بعد هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

Kotri: Police arrested the thief in injured condition*ڪوٽڙي ۾ پوليس مقابلي بعد هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ٽيليگراف پوليس پوسٽ جو کڏا ڪالوني ويجهو  پوليس ۽ ڦورن وچ ۾   مبينامقابلو  ٿيو جنهن دورن پوليس پير بخش عرف پيرو جلباڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي  جڏهن ته ٻه ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار مبينا ڦورو کي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو آهي .

هوڏانهن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گرفتار ٿيل پيربخش جلباڻي کي 2 ڏينهن اڳ ٽيليگراف پوليس  ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽان گرفتار ڪيو هو.

مليل ڄاڻ موجب ٽيليگراف پوليس پوسٽ انچارج نظر پنهور سان ڏيتي ليتي جو معاملو نه ٿيو  جنهن سان اڄ نوجوان کي کڏا ڪالوني ڀرسان نرسري وٽ کڻي وڃي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو .

 جنهن بعد معامرو ميڊيا کان لڪائڻ لا۽ پوليس زخمي ٿيل کي فوري طور تي حيدرآباد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نصيرآباد: جنرل ڪائونسل جو اجلاس نھ سڏائڻ خلاف علامتي بک هڙتال جاري

نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي پاران ڇهن مهينن کان جنرل ڪائونسل جو اجلاس نھ سڏائڻ خلاف مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے