15 جمعرات , نومبر 2018

پينٽاگون” ليزر سسٽم“ جي مدد سان روس ۽ چين جي ارادن کي ناڪام بڻائيندو

The Pentagon will help Russia and China intend with the help of the "Laser System"واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا دشمن ملڪن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ريڊيو فريڪوئنسي وائرليس سسٽم بجاءِ ” ليزر ڪميونيڪيشن سسٽم“ جو استعمال ڪندو. آمريڪي اداري پينٽاگون جنگي آپريشن دوران ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ ، اهلڪارن جي هڪ ٻئي سان رابطي ڪرڻ ۽ ڳجهي معلومات جي ڏي وٺ لاءِ محفوظ ۽ اڳ کان تيز رفتار نظام تيار ڪيو آهي. ان سسٽم جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي” هيڪ“ يا تباهه نٿو ڪري سگهجي. پينٽاگون ان کي ”ليزر ڪميونيڪيشن سسٽم“ جو نالو ڏنو آهي. آمريڪي فوج” وائرليس نيٽ ورڪ ۽ ريڊيو فريڪوئنسي ڪميونيڪيشن تي دارومدار رکندي آهي،  جڏهن ته اهو نظام محفوظ ناهي جنهن کي چين ۽ روس نه رڳو جام ڪري سگهن ٿا پر ان ذريعي موڪليل پيغامن کي تبديل پڻ ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح آمريڪا جي ڳجهي آپريشن کي ناڪام بڻائي سگهي ٿو. چين ۽ روس جي طرفان انهن خطرن کي نظر ۾ رکندي پينٽاگون هڪ نئين نظام لاءِ ريسرچ جي شروعات ڪئي، آمريڪي اداري ڊيفنس ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽ ايجنسي ليزر ڪميونيڪيشن نظام کي ڳجهي معلومات جي ترسيل ۽ گڏيل رابطن لاءِ محفوظ ۽ تيز رفتار قرار ڏنو. ان نظام تائين مخالف قوتن جي پهچ ناممڪن آهي. پينٽاگون موجب اهڙا سينسر ۽ هارڊ ويئر نظام تي ڪم ڪيو ويو آهي جيڪي فري-اسپيس آپٽيڪل ٽينالوجي جي مدد سان پيغام وٺڻ ۽ موڪلڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ان نظام ذريعي پيغامن کي ڪيبل ذريعي نه پر شعاعن کي هوا ۾ موڪلي پيغام ترسيل ڪري سگهبا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايپل آئي فون ايڪس ۽ ميڪ بڪ پرو ۾ خامين جو اعتراف ڪري ورتو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)سمارت فون ۽ ٽيبليٽ ٺاهڻ واري مشهور ڪمپني ايپل اعتراف ڪيو آهي ته ان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے