20 منگل , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد : سول سوسائٽي پاران سنڌ جي ٻيلن جي تباهي ۽ ٻيلي کاتي ۾ڪرپشن خلاف احتجاج

Hyderabad: Forest destruction of Sindh by civil society and protest against the bank depicting*حيدرآباد ۾سول سوسائٽي پاران سنڌ جي ٻيلن جي تباهي ۽ ٻيلي کاتي ۾ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سماجي ڪارڪنن پنهل ساريو، اختر شيخ، مسرور شاهه، مشتاق ميراڻي ۽  ٻين  جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي  خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٻيلا ۽ وڻ  انسان جي زندگي جو جياپو آهن .

هنن چيو ته ٻيلي کاتي اندر سياسي مداخلت ڪري ٻيلن جون زمينون سياسي ماڻهن کي رشوت عيوض ڏنيون وڃن ٿيون سنڌ ۾ ڪچي جا ٻيلا تباهه ڪري ٻوڏ جي خطري کي وڌايو ويو آهي.

 هنن خدشو ظاهر ڪندي  چيو ته ٻيلي کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا ٻيلي جي 8 لک ايڪڙ زمين خانگي زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا.

سماجي اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته ٻيلن جي تباهي جو نوٽيس وٺي ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائي ٻيلن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ امداد بابت معاهدو

پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ امداد بابت معاهدو طئي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے