*وڳڻ ۾صحافي جي گرفتاري خلاف ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف مغيري برادري جي ماڻهن ۽ صحافين احتجاج ڪيو .
مغيري برادري جي ماڻهن صحافي عبدالحميد مغيري جي گرفتاري خلاف الهداد مغيري، عبدالرزاق مغيري، ديدار علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مک چوڪ تي ڌرڻوهنيو.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سول اسپتال لاڙڪاڻو جي جيل وارڊ مان فرار ٿيل قاتل غلام حسين مغيري فيصلو نه ڪرڻ جي صورت ۾ هنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن.
هنن ٻڌايو ته پوليس جيل مان ڀڄي ويل وڏيري کي گرفتار ڪرڻ بدران کائنس لکين رپيا رشوت وٺي هنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن ۽ صحافي عبدالحميد مغيري کي پڻ گرفتار ڪرايو آھي.
ھنن آءِ جي سنڌ کان گھر ڪئي ته قمبر پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي قاتل وڏيري غلام حسين مغيري کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي …..