15 جمعرات , نومبر 2018

ڪي پي اسيمبليءَ جون ڪيتريون ئي عورت ميمبرز ڪروڙ پتي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ ڪيتريون ئي عورت ميمبرز ڪروڙ پتي آهن، جن ۾ تحريڪ انصاف جي مليحا علي اصغر اڳڀري آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ميمبرن جي جمع ڪرايل دستاويزن موجب ڪي پي اسيمبلي جون ڪيتريون ئي عورت ميمبز ڪروڙين رپين جي اثاثن جون مالڪياڻيون آهن. دستاويزن موجب تحريڪ انصاف جي ميمبر مليحا علي اصغر خان، جنهن جو واسطو مانسهرا سان آهي، دستاويزن ۾ 93 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. مليحا علي اصغر جي تعليم گريجوئيشن آهي ۽ هوءَ هيل تائين ٿائلينڊ، لنڊن ۽ سريلنڪا جا دورا ڪري چڪي آهي، مليحا عورت اسيمبلي ميمبرز ۾ سڀ کان وڌيڪ اثاثن سان پهرين نمبر تي آهي، ان سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف جي ميمبر قانون واري شعبي سان لاڳاپيل عائشا بانو 5 ڪروڙ رپين جي اثاثن جي مالڪياڻي آهي. هن 2002ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. دستاويزن موجب پ پ جي نگهت اورڪزئي جي اثاثن ۾ 280 تولا سون شامل آهي، جڏهن ته اي اين پي ميمبر شگفتا ملڪ وٽ 45 لک رپين جا اثاثا آهن ۽ وٽس پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري آهي. تحريڪ انصاف جي ايم پي اي آسيا صالح خٽڪ وٽ ڪو اثاثو ناهي ۽ هوءَ قانون جي شعبي سان سلهاڙيل آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے