14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد : سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ماڻهن جي لڏپلاڻ روڪي وڃي: اي جي پي اڳواڻ

Hyderabad: Protest migration of other provinces including Sindh should stop: EP leader*عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۾ ضروري ترميمون ڪري سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ کي روڪيو وڃي، جئين عوام پنهنجن حقن کان محروم نه ٿي سگهي.

عوامي جمهوري پارٽي جي صدر امان الله شيخ، ابرار قاضي، امداد پنهور ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته چئني صوبن ۾ لڏپلاڻ کي روڪيو وڃي.

هنن چيو ته 2018ع جي ٿيل چونڊن ۾ بيقائدگين کي پاسيرو رکندي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي خوشحالي تي ڌيان  ڏيڻ گهرجي.

اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کي سنڌ جي اهم مسئلن طرف توجهه ڏئي ملڪ جي ٻين صوبن سميت افغانستان ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان لڏپلاڻ  کي روڪيو وڃي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ غيرقانوني آبادي سبب سنڌ سميت ملڪ جو امن تباهه ٿي رهيو آهي، ڪراچي ڌارين لاءِ جنت بڻيل آهي، جتي هر روز هزارين ماڻهو پرڏيهي توڙي ٻين صوبن مان لڏي اچي آباد ٿين ٿا.

هنن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ٿر ڪول مان 2019ع ۾ ملندڙ 660 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ موڪلڻ بدران رياعتي اگهه تي سنڌ کي ڏني وڃي ته جئين سنڌ ۾ صنعتڪاري کي هٿي ملي سگهي.

اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ بهتر حڪمراني جي قيام لاءِ اختيارن جي ورڇ کي ٽن حصن ۾ يعنيٰ مرڪز صوبا ۽ لوڪل گورنمينٽ واري نظام کي يقيني بڻايو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڳاڙهو: چيرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

ڳاڙهي ۾ گهارو ٽائون ڪميٽي چيرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے