14 بدھ , نومبر 2018

ناليوارو وڪيل احمد سعيد ڪرماڻي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليوارو وڪيل ۽ تحريڪ پاڪستان جو اهم ترين ڪارڪن ايڊووڪيٽ احمد سعيد ڪرماڻي 95 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس پٽ آصف ڪرماڻي پنهنجي بيان ۾ پيءُ جي لاڏاڻي بابت آگاهه ڪيو. ن ليگ سينيٽر آصف ڪرماڻي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته پيءُ گهڻي عرصي کي بيمار هو، جيڪو اڄ صبح لاڏاڻو ڪري ويو آهي. احمد سعيد ڪرماڻي جي جنازي نماز لاهور جي بهاولپور روڊ واري عيد گاهه ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته سندس مڙهه مياڻي صاحب قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. احمد سعيد ڪرماڻي مسلم ليگ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ قائداعظم محمد علي جناح جو مددگار به هو. ناليواري وڪيل 60ع جي ڏهاڪي ۾ مسلم ليگ جي صدر طور به پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون، جنهن کانپوءِ هن نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. احمد سعيد ڪرماڻي 1957ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو وڪيل بڻيو، هو اڳوڻي فوجي آمر جنرل ايوب خان جي دور ۾ وفاقي وزير به رهيو. احمد سعيد ڪرماڻي 70ع جي ڏهاڪي ۾ مصر جي تخت گاهه قاهرا ۾ پاڪستان جو سفير رهيو، جڏهن ته هن ساڳي ئي ڏهاڪي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر طور به خدمتون انجام ڏنيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے