14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: مٺي: سڄاڻ ڌرين پاران ٿر ۾معصوم ٻارڙين سان زيادتين وارن واقعن جي مذمت

Mithi: The victim's funeral condemns the incident with rape in Thar*سڄاڻ ڌرين ٿر ۾معصوم ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين وارن واقعن جي سخت لفظن مذمت ڪندي چيو آهي  ته نوٽيس وٺي واقعا روڪرايا وڃن.

مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چائلڊ رائيٽس مومينٽ سنڌ جي اڳواڻن ڪاشف بجير، نورمحمد بجير، اوڀايو جوڻيجو ۽ ٻين  چيو ته ٻارڙين سان زيادتي وارن  واقعن خلاف سڄي سنڌ ۾ ڏهه سيپٽمبر کان پندرهن سيپٽمبر تائين هفتو ملهايو ويندو.

چائلڊ رائيٽس مومينٽ سنڌ جي اڳواڻن  چيو ته سڄي سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن پر پوليس هر هنڌ پنهنجو روايتي ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي .

سندن چوڻ هو ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ سڏي جي ڍاڻي ۾ ان ڏينهن واقعو پيش آيو آهي جنهن ڏينهن عوام پنهنجا اميدوار قانونسازي لاءِ چونڊي رهيو هو ، جڏهن ته  ۽ ڇاڇرو جي ڳوٺ راڄوڙو  معصوم ٻارڙي سان واقعو پيش آيو آهي.

 هنن چيو ته ٻنهي واقعن جا جوابدار پوليس جي گرفت ۾ آهن پر   هو چاهين ٿا ته انهن جوابدارن کي پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان پيش ڪري جئين انهن کي سخت سزا ملي سگهي.

اڳواڻن  چيو ته ٻنهي واقعن جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ ۾ دير ڪئي وئي آهي ، بااثر وڏيرا معاملي کي راڄوڻي طريقي سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هنن  مطالبو ڪيو ته ٻنهي واقعن جا جوابدار گرفتار ڪري متاثرن  کي  انصاف فراهم ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:غوثپور: ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

*غوثپور شهر ۾ ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے