14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڊکڻ : ڊرائيورن جو رتوديرو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Dakhan: The driver's protest against the police's aggression*ڊکڻ ۾ ڊرائيورن رتوديرو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ڳوٺ بکو سيال جي رهواسي وين ڊرائيور سفير سيال کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ پوليس اهلڪارن عامر سومرو ۽ عابد سومرو خلاف ڊرائيورن ۽ سول سوسائٽي طرفان بشير چانڊيو، وقار سيال،سفير سيال،شير دل سيال ۽ عزيز لاشاري جي اڳواڻي ۾ سيد ملوڪ شاهه بخاري جي درگاهه کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو .

احتجاجي جلوس مختلف رستن کان ٿيندو مديجي روڊ ۽ پريس ڪلب ڊکڻ وٽ پهچي ڌار ڌار ڌرڻا هنيا ويا.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  عيد کان ٻه ڏينهن اڳ رتوديرو پوليس جي اهلڪارن عامر سومرو ۽ عابد سومرو عيد خرچي لاءِ وين ڊرائيور سفير سيال کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو .

هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين ڦريل پئسا،گاڏي جا ڪاغذ واپس نه ٿيندا ۽ انصاف نه ٿيندو تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو.

ڊرائيورن اهو به اعلان ڪيو ته رتوديرو پوليس خلاف سومر ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے