19 پیر , نومبر 2018

نيوز: جهڏو : غلام حسين ڪالوني ۾چئن مهينن کان صفائي عملو گم، رهواسين جو احتجاج

Jhuddo: Ghulam Hussain Colony months mchyn Cleaning crew missing, inhabitants protest*جهڏو جي غلام حسين ڪالوني ۾چئن مهينن کان صفائي عملو غير حاضر رهڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، گندگي خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو .

غلام حسين ڪالوني ۾ گذريل 4 مهينن کان صفائي نه ٿيڻ خلاف رهواسين شيعه علماءِ ڪائونسل جي ڊويزنل اڳواڻ لالا غلام رسول پٺاڻ، فوجي محمد حسين، فاروق راجپوت، ۽ ٻين احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل وڏي عرصي کان ٽائون انتظاميه پاران صفائي نه ٿيڻ ڪري علائقي ۾ هر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن جنهن ڪري بيمارين جي وبا پکڙجڻ جو خدشو آهي.

هنن چيو ته گندگي سبب  عورتن، ٻارڙن ۽  مردن ۾ مليريا، سهڪو، هيپاٽائيٽس، الٽي، ۽ ٻين پيٽ جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي،  جڏهن ته شهر ۾  بدبوءِ پڻ ڦهلجي وئي آهي

هنن وڌيڪ چيو ته ٽائون آفيسر ۽ سينيٽري انسپيڪٽر صفائي عملي کان ماهوار منٿليون مقرر ڪري انهن کي ڊيوٽين کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سندن چوڻ هو ته شھر جي مختلف امام بارگاهن ٻاهران به  گند ڪچرو پيل آهي .

هنن بلديات کاتي جي اعلي اختيارين سميت تڪ جي ايم اين اي، ۽ ايم پي اي کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪرپٽ انتظاميه خلاف  قدم کڻي صفائي جو نظام بهتر ڪري رهواسين کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:نوابشاھ: جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ مرحبا جون صدائون بلند

نوابشاھ  ۾  ٻنهي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جي ولادت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے