18 اتوار , نومبر 2018

ڪراچي ۾ منشيات فروشن خلاف آپريشن دوران شاگرد جي مارجڻ جو ڪيس داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس ۽ منشيات فروشن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران شاگرد مارجڻ واري واقعي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس مقتول شاگرد جي ماءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيڪل رپورٽ موجب نوجوان بلال کي لڳندڙ گوليون وڏي هٿيار جون آهن. پوليس واقعي واري هنڌان گولين جا خول هٿ ڪيا هئا، جن ۾ ايس ايم جي ۽ 30 بور جا خول به شامل هئا. گذريل ڏينهن سپر هاءِ تي خلجي ڳوٺ ۾ منشيات فروشن خلاف پوليس جي آپريشن دوران فائرنگ ۾ 17 ورهين جو بلال مارجي ويو هو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے