15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: بدين : انور مجيد جي شگر مل تي ڇاپو، 4 آفيسر گرفتار

Badin: Arrested in Anger Majeed's Shiger Mill, 4 Officers arrested*کوسڪي  ۾ ايف آءِ اي  انور مجيد جي  شگر مل تي ڇاپو هڻي چئن آفيسرن کي گرفتار ڪري سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي .

انور مجيد جي گرفتاري بعد ايف آءِ اي بدين ضلعي ۾ ھلندڙ شوگر ملن خلاف به ڪاروايون شروع  ڪندي کوسڪي شگر مل تي ڇاپو هڻي ڪيترائي ڪلاڪ  جانچ پڙتال ڪئي.

ايف آءِ اي جي ٽيم سخت رينجرس جي سيڪورٽي ۾ کوسڪي شوگر مل تي ڇاپو ھڻي مل اندر پيل اڪائونٽ جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اڪائونٽ جي ملازمن کي به حراست ۾ وٺي چار ڪلاڪ تائين رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد کوسڪي پوليس پوسٽ جي انچارج کي به ايف آءِ ٽيم مل اندر گھرايو.

وسڪي شگر مل جو   ايڊمن سوڍل رند، انجنيئر جاويد، آءِ  ٽي انچارج عبدالرشيد، اڪائونٽنٽ افتخار کي ايف آءِ اي جي ٽيم چار ڪلاڪ تائين مڪمل شوگر مل جي اڪائونٽ  تي جانچ پڙتال ڪندي رهي .

ايف آءِ اي مل کي اومني گروپ طرفان جاري ٿيل رقم بابت به مڪمل تفصيل ۽ بيان رڪارڊ سميت ورتا، جڏهن ته  ايف آءِ اي جي ٽيم شگر مل کي ڏنل ٽريڪٽرن بابت به مڪمل رپورٽ گھري ورتي.

ايف آءِ اي جي ٽيم رڪارڊ ۽ ڪجھه ملازمن کي حراست ۾ وٺڻ بعد کوسڪي ٿاڻي تي پھچي ڪيس داخل ڪرائڻ جا اطلاع مليا آھن پر کوسڪي ٿاڻي ۽ کوسڪي شوگر مل جي انتظاميه سموري معاملي جي ميڊيا ڪوريج کان صحافين روڪي ڇڏيو.

 رينجرز جي اھلڪارن ميڊيا جي نمائندن کي وڍيو ڪلپ ۽ فوٽو ڪڍڻ کان روڪي رکيو ھو جنھنڪري اصل حقيقتن کي سامھون آڻڻ لاءِ ايف آءِ اي به معاملن کي دٻائي ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي ھئي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے