22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: ايوان زراعت سنڌ پاران پاڻي کوٽ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار

Hyderabad: Aiwan-e-Sadr agrees hard on water shortage by Sindh*ايوان زراعت سنڌ، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادگارن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ فوري طور تي 10 بلين زرعي پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

ايوان زراعت جو  اجلاس مرڪزي صدر قبول محمد کٽياڻ جي صدارت هيٺ ٿيو،جنهن ۾ پاڻي کوٽ تي غور ويچار ڪيو ويو .

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته پاڻي جي کوٽ ۽ فصل سڪي تباهه ٿيڻ سبب سنڌ جي آبادگارن معاشي طور تي تمام گهڻو ڀوڳيو آهي.

 اجلاس ۾ آبادگارن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادگارن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ فوري طور تي 10 بلين زرعي پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته ڪوٽڙي بئراج مان 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي، ان باوجود نارا ڪئنال 2 هفتا بند رهي ٿو ۽ هڪ هفتو هلي ٿو، جنهن سان پاڻي جي کوٽ سبب سارين جو فصل پڻ خراب ٿي رهيو آهي.

 آبادگارن اهو به مطالبو ڪندي  چيو ته شگرملن ڏانهن ڪمند جي مد ۾ 4 سئو ڪروڙ رپين جون رهتون رهيل آهن، جيڪي اڃا تائين نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب آبادگار معاشي طور تي مسئلن جو شڪار ٿي ويا آهن.

 آبادگارن اهو به مطالبو ڪيو ته آبپاشي کاتي مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪرپٽ عملدارن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ وفاقي سرڪار طرفان ڀاڻ تي ختم ڪيل سبسڊي بحال ڪئي وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شڪارپور: ٽرالر ڪلٽي، 2 زخمي، هزارين لٽر تيل ضايع

*شڪارپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار کي بچائيندي ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو جنهن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے