15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڊرٻ ميهر شاهه : مراد علي شاھه سنڌ جي بھتر خدمت ڪئي آهي: حسين شاهه جيلاني

Dirb mehar Shah: Murad Ali Shah Shah has served the best of Sindh: Hussain Shah Jailani*پيپلزپارٽي تعلقي ڪنگري جي صدر ۽ ضلعي ڪائونسل  جي ميمبر سيد حسين شاھ جيلاني چيو آهي ته سنڌ جي نوجوان وزير اعلي سيد مراد علي شاھ  سنڌ جي بھتر خدمت ڪئي آهي سندس قيادت ۾ سنڌ ترقي ڪندي.

گمس اسپتال ۾ داخل جسقم ڪارڪن حفيظ ﷲ اڄڻ جي عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  سيد حسين شاھ جيلاني وڌيڪ چيو ته خيرپور جي عوام وڏن سياستدانن  کي شڪست ڏئي  نفرت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

هن چيو ته سنڌ جو عوام اڄ به پيپلزپارٽي سان محبت ڪري ٿو جنهن جو مثال 25 جولائي تي ٿيل عام چونڊن ۾ مخالفن کي بدترين شڪست آهي،.

هن چيو ته  پيپلزپارٽي اميدوارن سان اليڪشن وڙھندڙ ھاڻي 5سالن تائين ڳوليا به نه لڀندا، جڏهن ته   هو  اڳ به عوام سان گڏ ھئاسڀاڻي به عوام جي وچ ۾  هوندا .

 ٻئي طرف سيد حسين شاھ جيلاني ڊرٻ ميهر شاھ ۾ فالج جي بيماري سبب فوت ٿي ويل عزيز ﷲ گلال جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آصف زرداري بحرانن مان نڪرڻ ڄاڻي ٿو: مير منور ٽالپر

پيپلزپارٽي ميرپورخاص جي صدر  ۽  ايم اين اي مير منور ٽالپر چيو آهي ته آصف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے