17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو : جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران ساگر حنيف بڙدي جي ياد ۾ميڙاڪو، ڀيٽا پيش

Mirpur Bathoro: Memorial Memorial of Sagar Hanif Burdi by Jai Sindh Liberal Front*ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران ڳوٺ احمد خان زئنور ۾ قومي ڪارڪن ساگر حنيف بڙدي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.

تعزيتي ميڙاڪي ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جو مرڪزي چيئرمين نواز خان زئنور، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر جي قائم مقام چيئرمين امير آزاد پنهور، اسلم خيرپوري، ۽ ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ساگر حنيف قومي تحريڪ جو باڪردار ڪارڪن ھو، جڏھن به سنڌ جي جديد سياسي تاريخ لکي ويندي تڏھن سندس ذڪر مٿانھون ھوندو.

جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو  ته  ساگر حنيف  کي ڪڏھن به  وساري نه ٿو  سگھجي.

 لبرل فرنٽ جي سينيئر  وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ چيو ته  قومي تحريڪ ساھ م سانڍڻ جھڙا ڪردار پيدا ڪيا آھن، جڏهن ته  ساگر کلڻو ملڻو انسان ھو.

 جسقم آريسر جي قائم مقام چيئرمين امير آزاد پنھور چيو ته  ڀٽائي جي شاعري کي ھو شاندار انداز ۾ پڙھندو ھو، جيڪا شاعري  ماڻھن جي ذھنن تي نقش ٿي ويندي ھئي.

اسلم خيرپوري چيو ته ساگر  ويھڻ وارن مان نه هو ، قومي جدوجهد هميشه ياد رهندي .

 ان موقعي تي بشير ميراڻي، قادر بخش زئور، عوامي تحريڪ جي ساگر مجيد پرھياڙ، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ميڙاڪي  ۾وحيد پياري قومي گيت ٻڌائي  ميڙاڪي ۾ شامل قومي ڪارڪنن کي جوش ڏياريو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے