17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ: ڪورنگي: ابراھيم پنھور ڳوٺ واسين جو لينڊ مافيا ۽ پوليس خلاف احتجاج

Korangi: Land mafia and police protest against Ibrahim Vahan villageسنڌ ۾ڪيترائي ماڻهو ظلم ۽ زيادتين جو شڪار هجڻ ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهن.

ڪورنگي جي قديم وسندي حاجي ابراھيم پنھور ڳوٺ جي رهواسين لينڊ مافيا ۽ پوليس خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي رهواسين ڳوٺاڻن محمد جمن پنھور، عظيم پنھور، الله ڏنو پنھور، شريف پنھور ۽ ٻين چيو ته سندن  قديم ڳوٺ ڊاھڻ جون ڪوششون تيز ٿي ويون آهن، لينڊ مافيا، پوليس سان گڏجي ڳوٺاڻن تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا آهن………

ڳوٺاڻن دانهيو ته هو  1978 کان وٺي ھتي آباد آھن، جڏهن ته  هو  مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پالين ٿا پر لينڊ مافيا جا ماڻهو  کين لڏائڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جو SHO لينڊ مافيا کان پئسا وٺي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فيڪٽري مالڪ به لينڊ مافيا سان ملي ڪري ڀڳڙن مٺ تي  پلاٽ وٺڻ چاهين ٿا…………

ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ منير مگسي ۽ ساگر کروڙ چيو ته حاجي ابراھيم پنھور ڳوٺ جي رھواسين کي جبري طور ڳوٺ جا وڏيرا ۽ پوليس ڳوٺ خالي ڪرائڻ چاهين ٿا……

رهواسين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سندن مٿان داخل ڪيس ختم ڪري لينڊ مافيا توڙي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے