21 بدھ , نومبر 2018

ڪيڏانهن منهن مليرجو،ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار!

شفيق الرحمان شاڪر

عيد جي ٽئين ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير سائين مراد علي شاه ڳڙهي خدابخش ۾  شهيدن جي قبرن  تي گلن جون چادرون چڙهائڻ بعد جڏهن ٻاهر نڪتو ته صحافي  انتظار ۾ هئا ته سائين جڏهن لفظن جي گلپاشي ڪرڻ فرمائيندا ته سندس نظرن سامهون سنڌ جي صدين جا اهي سور صدما هوندا جن سنڌ جي سريڙ کي سوڙهو ڪري رکيو آهي،ٿر جي معصوم ٻارن جا اهي ڏٻرا ڏيل هوندا جن کي مناسب خوراڪ ميسر نه هئڻ سبب طرحين طرحين بيمارين پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي رکيو آهي.سندس ڪنن ۾ انهن بي پهچ مائرن جون آهون ۽ دانهون گوجنديون هونديون جيڪي پري ٻهراڙين ۾ ويم جي سهوليت نه هئڻ سبب رستي ۾ ئي بيوسيء سان پنهنجون کڙيون رڳڙي دم ڌڻيء حوالي ڪيو ڇڏين. سنڌ جي ڏڪار ستايل ڪوهستان،ڪاڇي ۽ ٿر جي غريب ماروئڙن جون پڪارون هونديون جن جو جيون جنجال بڻجي چڪو آهي.عيد ته سائين سڳوري به ملهائي هوندي،وڏي اهتمام ۽ احتشام سان،وڏي ناز ۽ نزاڪت سان،وڏي شان ۽ شوڪت سان جو سرڪاري عيد جا ڪجهه مزا ئي ٻيا آهن پر سنڌ جا اهي لکين ابهم وجود جيڪي سڄو سال عيد جي انتظار ۾ گھارڻ بعد هن عيد تي به نوان ڪپڙا خريد ڪري نه سگھيا.سندن معصوم چهرن تي هينئر به ڪا خوشين جي جوت جرڪي نه سگھي.اهي جيڪي هميشه کان ويڳاڻا هئا ۽ هيءَ عيد به بين عيدن جيان سندن ويڳاڻپ وڌائي گذري ويئي.جڏهن اکين تي رنگين عينڪون چڙهيل هجن ته هر طرف موسم مستانو ۽ سهانو نظر ايندو آهي.ازل کان بي روزگاري، بک، بدحالي ۽ بيمارين ۾ ورتل هن قوم جا حڪمران جنهن  ٺٺ ٺانگر ۽ دٻدٻي سان زندگي گھارين ٿا انهيءَ کي ڏسي ڪري اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته شايد  اذيت ۾ ورتل هن انسانيت جو درد دلين ۾ پيدا ٿيڻ ۾ اڃا خبر ناهي ڪيترين صدين جي مسافت وچان حائل آهي.جتي درد جو احساس ئي ختم ٿي وڃي ۽ حڪمران پنهنجي خود غرضين جي قلعي ۾ پنهنجو پاڻ کي بند ڪري خود کي مامون ۽ محفوظ سمجھڻ لڳن اتي ته رڳو مڪافات عمل جو ڪو هنٽر ئي پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندو آهي.قوم جي دلين ۾ مايوسين جي موجون هڻندڙ سمنڊ جو نظارو ڪرڻو هجي ته انهن جي هڪڙي ئي متفقه جملي تي غور ڪرڻ گھرجي ته “ادا! ڪنهن جي به حڪومت اچي،اسان غريبن کي ان مان ڇا ملڻو آهي؟”هي جملو توڙي جو هڪ ننڍڙو جملو آهي پر اهو پنهنجي اندر ڪيترا ئي سوال،ڪيتريون ئي معنائون ۽ ڪيتريون ئي مايوسيون سمايو وتي.غريب عوام جي انهيءَ سوال جو جواب حڪمرانن مان ڪنهن وٽ به ڪونهي .ها، انهن وٽ حسين وعدن جا تاج محل ۽ سهڻن سپنن جا رنگ برنگي منظر ضرور آهن.جن جي پويان عوام ڪجهه عرصي لاءِ ڊوڙي ٿو ۽ نيٺ ٿڪي ٽٽي ۽ چور ٿي ،مايوس ۽ نااميد ٿي پنهنجي قسمت کي پاراتا ۽ حڪمرانن کي گاريون ڏيئي خاموش ٿي وڃي ٿو.هتي ڪڏهن به راند ناهي بدليي رڳو مداري بدلجن ٿا، اداڪار بدلجن  ٿاپر اسڪرپٽ نٿو بدلجي.چهرا بدلجن ٿا پر نظام نٿو بدلجي.لوڪ جن جي زور تي هي سمورو زور ڪٺو ڪن ٿا اهو ئي زور انهن ئي لوڪن خلاف استعمال ٿيڻ لڳي ٿو.هيء آخر ڪهڙو انوکي نوعيت جو جمهوري راڄ آهي جتي جمهور جي نالي ۾ صرف جمهور ئي پيڙهبو رهي ٿو.ڪوته ٻڌائي ته جمهور اڄ جنهن ڪسمپرسي ۽ ڪرب واري حالت جو شڪار آهي ان جو ذميدار ڪير آهي؟هتي ته هرڪنهن کي پارسائيء جي دعويٰ آهي،هرهڪ فرشتو بڻيو وتي،هرڪو عوام جي درد ۾ دکندو،سڙندو ۽ ٻرندو ٿو نظر اچي ته پوء عوام کي ڪو اهو ته ٻڌائي ته سندن سورن ۽ صدمن جو سهرو ڪنهن جي سر سجائجي؟سندن ڏکن ۽ ڏولاون  جو الزام ڪنهن کي ڏجي؟ سو ڳالهه پئي ڪئيسين وڏي وزير جي لفظن جي گلپاشيء جي ته سائين جن فرمايو ته هڪ ته سنڌ جي ماڻهن هن دفعي  سندس پارٽيء کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڃا به گھڻا ووٽ ڏنا.ڏاڍو سٺو! شايد سائين جن اهو ٻڌائڻ يا ثابت ڪرڻ پيا گھرن ته سندس حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي ايتري ته خدمت ڪئي آهي جو ماڻهن هن دفعي اکيون پوري پي پي کي ووٽ ڏنا آهن.يا وري سندن مطلب اهو هجي ته پي پي مخالف سياسي ڌريون ڀلي ڪيترو به زور هڻڻ پر سنڌين جي پارٽي رڳو پيپلز پارٽي ئي رهندي يا وري اصل واڳ ڌڻين کي اهو پيغام ڏيندا هجن ته پي پي قيادت خلاف ڪنهن به ممڪنه ڪاروائيءَ جي صورت ۾ سنڌ مان هڪ عظيم الشان ردعمل اچي سگھي ٿو جو سنڌ جا سمورا ماڻهو پي پي تي ساهه ڏيڻ لاءِ تيار ويٺا آهن.ٻي ڳالهه جيڪا سائينء وڏي پنهنجي گفتگوء ۾ فرمائي سا اها ته نواز شريف خلاف انتقامي ڪاروائي ٿي رهي آهي جنهنجي خلاف سنڌ اسيمبليء ۾ زبردست آواز اٿاريو ويندو.سائين جن جي اها ڳالهه اسان جي عقل کان مڙيئي ڪجهه سوائي آهي.هي اوچتو ئي اوچتو شاهه صاحب جي من ۾ ميان نواز شريف جي لاءِ محبت ۽ همدرديء جو جذبو اوچتو رات وچ ۾ ڪيئن جاڳي پيو. نواز شريف جي پورن پنجن سالن جي دور حڪومت ۾ ته سائين وڏو ڏينهن رات سنڌ جي سموري تباهي ۽ بدحاليء جو ذميدار ان حڪومت کي قرار ڏيندو رهيو.سندس ئي چوڻ مطابق مرڪز سنڌ جي صوبائي معاملن ۾ نه رڳو اجائي مداخلت ڪندو رهيو پر سنڌ جي حصي جا فنڊ به سندس حڪومت کي مهيا نه ڪيا ويا.اڄ جيڪر شاهه صاحب کي نواز شريف گھڻو مظلوم ۽ قابل رحم نظر اچي رهيو آهي ته ڇا ٿو چئي سگھجي؟پر سوال اهو آهي ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي اهم ۽ بنيادي مسئلن متعلق ماضيء ۾ ته ڪوبه طاقتور آواز نه اٿاريو ۽ هاڻي جيڪر ڪو پهريون آواز اٿارڻ جي ڳالهه ڪئي پيئي وڃي ته اهو آواز آهي عدالتن پاران ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي سزا کاڌل هڪ قيديءَ لاءِ جنهن جي حق ۾ سندس پنهن جو ڀاءُ به ڪو گھڻو گوڙ نه ڪري رهيو آهي.سو سمجھي ته ويا هوندا ته اصل ۾ اهو آواز اٿارڻ پويان مقصد ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ سنڌيءَ جي چوڻي مطابق “پٿر پرائو ،سور پنهنجا.” وارو معاملو آهي.مطلب ته “خبردار! هن طرف هٿ ڊگھو نه ڪجو نه ته اسان سڀ هڪ ٿي وينداسين.” پر خوشقسمتي يا بدقسمتيء سان احتساب جو بوتل مان ٻاهر نڪتل جن واپس بوتل ۾ نه ويندو،اهو جن وڏي بيرحمي سان گھڻن جا هان ڏاريندو ۽ ڦاڙيندو نهايت ئي تيزرفتاري سان اڳتي وڌندي نظر اچي رهيو آهي توڙي جو ان عمل دوران خود ڪپتان جي حڪومت ئي ڍير ڇونه ٿي وڃي.سائين کي هروڀرو هچائن ۾ هٿ وجھڻ ۽ وفاق سان هينئر کان ئي مهاڏو اٽڪائڻ جو جنون ڇو سوار ٿيو آهي،سو سمجھه ۾ نٿو اچي.سنڌ جي ماڻهن پنهنجي نمائندن کي ان لاءِ چونڊي سنڌ اسيمبلي ۾ نه موڪليو آهي ته اهي اتي وڃي ٻين جي پراڪسي جنگ وڙهن،سنڌ جا ٻيا مسئلا کٽي ويا آهن جو سنڌ اسيمبليء ۾ سياسي مظلومن جو ماتم ڪجي.هي ڪهڙي قسم جا عوامي نمائندا آهن جو اسيمبلين ۽ اقتدار ۾ پهچندي ئي اهي پهريون ڪلمون اهو پڙهندا آهن ته “ شڪر رب جو، جو پنجن سالن لاءِ عوام مان جان ڇٽي!“

ٽين ڳالهه جيڪا شاهه صاحب فرمائي سا اها ته اسان ڏسنداسين ته“ عمران خان ايندڙ سو ڏينهن ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي ٿو ڏيکاري؟“ ڪيڏو نه خوبصورت جملو آهي سنڌ جي واڳ ڌڻيء جو.يعني سائين جن پنهنجو سمورو ڪم ڇڏي رڳو عمران خان جي ڪارڪردگي چيڪ ڪندا.عمران خان کي سو ڏينهن جي مهلت ڏيڻ واري سخا تي صدقي پر سائين جن اهو به ته ٻڌائين ته سنڌ تي گذريل ڏهن سالن کان بنان ڪنهن ڀائيواريء جي پي پيء جي حڪومت رهي آهي ۽ هينئر به عددي لحاظ کان هڪ مضبوط حڪومت موجود آهي،ڪجهه انهي ڪارڪردگي تي به ته روشني وجھو.عمران خان کي ڇڏي ڏيو جيڪر صحيح ڪيائين ته ان جو ڪو فائدو اوهان کي ناهي ملڻو پر جيڪر غلط ڪيائين ته ان جو ڪو ڪو نقصان اوهان جي کاتي ۾ ناهي اچڻو.اوهان وٺو پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي کي. هآڻي ماڻهن ۾ وڌيڪ صعوبتون ۽ سختيون سهڻ جي سگھه نه رهي آهي.اوهان کي جيڪر سنڌ جي ماڻهن هڪ دفعو وري موقعو ڏنو آهي ته آڪڙجڻ بدران انهن سٻاجھڙن جو سچيء دل سان شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي اهنج،ايذائن ۽ آزارن کي گھٽائڻ جي سچي دل سان ڪوشش ۽ محنت ڪيو.صوبي جي ادارن کي فعال،مستحڪم،مضبوط ۽ مفيد بنايو،وزيرن ،مشيرن ۽ عملدارن کي عوام جي حقيقي خدمت لاءِ تيار ۽ پابند ڪيو، وفاق کان سنڌ جا جائز حق وڏي واڪي گھري وٺو. هي توهان ڪهڙن مسئلن ۾ ڦاسي ويا جن جو نه منهن نه مٿو.ڪيڏانهن منهن ملير جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي وچن: سنڌڙيءَ جا سڀ ٻار پڙهن

سدا حيات جلباڻي ننڍڙا ٻار اکين جو ٺار ۽ هيئين جو هار ٿين ٿا. ٻارڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے