16 جمعہ , نومبر 2018

ٿر ۾ وري ڏڪار ۽ ٻارن جا موت….

اطلاعن موجب ٿر ۾ وري ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جنهن ڪري حالتون سنگين ٿي رهيون آهن، ڏڪار جا هي پهريان ڏينهن آهن انهن پهرين ڏينهن ۾ پڻ ڏڪار جي سنگينيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو کاڌي جي کوٽ سبب پنجن کان وڌيڪ ٻارڙا پنهنجيون زندگيون وڃائي چڪا آهن، پنهنجن جي تصديق ٿي آهي، ٻارن جي فوتيگين جي انگ ۾ واڌاري جا قوي امڪان موجود آهن، ڇو جو ڏڪر جا هي شروعاتي ڏينهن آهن، جيئن جيئن ڏڪر جي حالتن ۾ سنگيني وڌندي ويندي تيئن تيئن ٻارن سميت جانورن جي فوتيگين ۾ پڻ اضافو ٿيندو ويندو.

قديم سنڌ کان وٺي ٿر جو سمورو علائقو جيڪو هن وقت سنڌ، سرائڪي علائقي ۽ هندستان جي ستن رياستن ۾ ڦهليل آهي ڪڏهن ڏڪر ته ڪڏهن سڪر جي حوالي رهندا پئي آيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو قديم دور کان وٺي اها چوڻي مشهور آهي ته ” وسي ته ٿر، نه ته بر جو بر”، ٿر ۾ وسڪاري بعد ٿر هڪ جنت النظير واديءَ جو ڏيک ڏيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڪجهه سالن ۾ جڏهن ٿر ۾ وسڪارا ٿيا ته لکن جي انگ ۾ سنڌ توڙي ٻين علائقن مان سياح ٿر پهچي ويا جن ٿر جي حسن کي واکاڻيو.

پر افسوس آهي جو هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ ٿر ۾ وسڪارا نه ٿين ڪري ڏڪر پئي رهندو آيو آهي جنهن ڪري ٿري ماروئڙا انتهائي تڪليف کي منهن ڏيندا رهيا آهن.

ٿر زندگيءَ جو هڪ الڳ رخُ آهي، جتي فقط واري ئي واري آهي، هر طرف واري ڪٿي واريءَ جا دڙا ته ڪٿي واريءَ جون دٻڻيون ۽ وري ڪٿي واريءَ جا طوفان جيڪي زندگيءَ لاءِ هر وقت موت جو سامان بڻيل رهندا آهن، انهن سمورين تڪليفن هوندي به ٿر زندگيءَ جي علامت آهي ۽ خوبصورت زندگيءَ جي علامت آهي، پر انهيءَ خوبصورت زندگيءَ کي فقط هڪڙي شيءِ ئي موت جي منهن ۾ اڇلي ٿي ڇڏي اها آهي غربت، اڻهوند جنهن جو بنيادي سبب ڏڪر آهي.

هاڻي ٿر ۾ ڏڪر آهي جيڪو زندگين لاءِ موت جو  سبب بڻيل آهي، اڳ به ٿر جي ڪيئي علائقن مان معصوم ۽ ابهم ٻارڙن جي مرڻ جا اطلاع ايندا رهيا هيا، خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي حڪومت واري سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ جڏهن سنڌ جو وڏو وزير ٿر تي دوري تي روانو ٿيندو هو ته ڪامورن جي هڪ فوج ظفر موج سان گڏ روانو ٿيندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ کان وٺي کاڌي جي هر شيءِ جون گاڏيون ڀرجي ٿر روانو ٿيندوين هيون ۽ سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاه ڪنهن اسپتال جو معائنو ڪري دعوتون کائي واپس ٿيندو هو ۽ پوءِ اخبارن ۾ فوٽو شايع ٿيندا هيا ته سنڌ جي وڏي وزير ٿرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهن ڪيو ۽ ٿري ماين کي ٻار خيال سان ڄڻڻ جي صلاح ڏني.

پيپلز پارٽيءَ جي هن دور ۾ به ڳالهه ساڳئي آهي، پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي سنڌ حڪومت جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ستن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو ذميوار ميڊيا ۽ ٿري عورتن کي قرار ڏنو ، سندس فرمان هو ته  ٿري ماين کي ٻارن ڄڻڻ جي تربيت ناهي مليل تنهنڪري ٻار مرن ٿا، هُن ٻارن جي فوتگين جون خبرون ڏيڻ تي ميڊيا کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو.

ٿر جي هاڻوڪي صورتحال کي ٿر جي ڪيئي سال اڳ واري صورتحال کان نه الڳ ڪري سگهي ٿو ۽ نه گڏي ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو، ڇو جو ڏڪر ته آهي ئي آهي، گذريل دورن ۾ ڏڪر جا اطلاع ايندا هُئا ته حڪومت پهريان ڏڪر تسليم ڪرڻ کان نابري واري بيهندي هُئي ۽ جي ڏڪر جهڙيون حالتون تسليم ڪندي هُئي ته وڌ ۾ وڌ ڪڻڪ ورهائڻ جا اعلان ٿيندا هيا ۽ ڪو زوير ٿر جو دور ڪندو هو، پر هن دفعي صورتحال ڪجهه مختلف آهي، اها ان ڪري به ته هن وقت ٿر مان ڪيئي وزير، صلاحڪار، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ سينيٽر چونڊيل آهن پر تنهن هوندي به ٿري نڌڻڪا لڳا پيا آهن، ڏڪر جهڙي صورتحال ۽ ٻارن جون فوتگيون ته پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي ته ٿر مان جهڙوڪر امن جو پکي به اڏامي ويو آهي.

ٿر ۾ هاڻوڪي ڏڪر جي هن مرحلي تي اسين اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ ۾ جيڪي به اڳوڻيون حڪومتون آيون  انهن ٿر کي نڌڻڪو ئي ڇڏيو ، نه ته ٿر جو ڏڪر، سوڪهڙُو، ٻارن جا موت ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به حڪومت انهن مسئلن کي متقسل بنيادن تي حل نه ڪيو آهي، جڏهن ته ٿر جي پرئين پاسي هندستان جي ٿر ۾ پڻ ساڳيون ئي حالتون رهينديون پئي آيون آهن، جتي جي حڪومت انهن مسئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪيئي اپاءَ ورتا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هندستان جو ٿري علائقو هڪ سکيو ۽ ستابو علائقو آهي جتي بنيادي نوعيت جي مسئلن کي مستقل طور تي حل ڪيو ويو آهي، اسين هن موقعي تي سنڌ حڪومت کي پڻ اها گذارش ڪنداسين ته ٿر جي مسئلن کي مختصر مدت ۽ طويل مدت وارين حڪمت عملين ذريعي حل ڪيو وڃي ۽ مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي.

سومر 27 آگسٽ  2018ع، 15 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪامريڊ شهيد حسن ناصر جي ياد ۾ !

1980ع کان 1990ع وارو ڏهاڪو نه صرف سوويت روس پر سڄي دنيا لاءِ اهم آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے